ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوج جي اڳرائي، فائرنگ، 4 عورتن سميت 6 ڄڻا شهيد، 26 زخمي

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ): ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فورسز جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 عورتن سميت 6 پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 26 زخمي ٿي پيا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڀارتي فورسز شهري آبادي کي نشانو بڻايو، ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويا، جن ۾ 4 عورتون به شامل آهن. ترجمان موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويلن ۾ کنڊن پور ڳوٺ جو اشرف ولد مسعود، ڀيني سيلريان جي مريم ڌي اشفاق، ڳوٺ گنديال جي شازيه زال احمد جڏهن ته چارواهه جو وسيم ولد انور، شڪيلا زال نديم ۽ نفيسه ڌيءَ محمود شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ورڪنگ بائونڊري جي ڀرپاسي شهري آبادي تي فائرنگ ڪئي ۽ مارٽر گولا اڇلايا، جڏهن ته پنجاب رينجرز ڀارتي فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ ڀارتي چوڪين کي نشانو بڻايو ۽ ڪيتريون ئي چوڪيون تباهه ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *