پاڪستان قرباني جو ٻڪرو نه بڻجندو، طالبان جا محفوظ ٿاڪ افغانستان ۾ آهن: وزير اعظم

نيويارڪ (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي دنيا جي ملڪن جي اڳواڻن تي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان افغانستان سميت ڪنهن به ملڪ لاءِ قرباني جو ٻڪرو نه بڻجندو . دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏين قربانين کانپوءِ افغانستان ۾ سياسي ۽ فوجي وٿيءَ جو ذميوار پاڪستان کي ڏنو پيو وڃي جيڪو پريشان ڪندڙ آهي. داعش ۽ القاعده سميت وڌيڪ انتهاپسندن گروهن جي ترجيحي خاتمي ۽ طالبان سان سياسي حل ڳولا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي بنا فرق جي ڪارروائي جو ذميوار آهي . وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين افغان پاليسي تي پاڪستاني موقف جي کليل نموني وضاحت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جو کليل موقف پيش ڪندي چيو ته پاڪستان، افغانستان جي جنگ کي پنهنجي ڌرتي تي وڙهڻ نه ڏيندو اسان ڪنهن اهڙي ناڪام حڪمت عملي جي واڌ نه ٿا ڪري سگهون جيڪاپاڪستان ۽ افغانستان ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي عوام کي تڪليف ۾ وجهي. هن چيو ته افغانستان ۾ فوجي يا سياسي وٿيءَ لاءِ الزام لڳائڻ پاڪستان لاءِ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. هن چيو ته سرحد پار کان حملا ضرور ٿين ٿا پر اهي حملا وڌيڪ سرحد جي ان پار موجود محفوظ ٺڪاڻن تان پاڪستان جي خلاف دهشتگردن پاران ڪيا وڃن ٿا. اهڙي قسم جي حملن جي روڪٿام لاءِ پاڪستان افغان حڪومت ۽ اتحادي فورسز کي چيو آهي ته هو سرحد کي ڪنٽرول ڪرڻ واري نظام کي مضبوط بڻائين ۽ چرپر جي نگراني لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري. هن چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ افغانستان ۾ امن جو ڪو به ٻيو خواهشمند نه آهي جڏهن ته افغانستان ۾ 16 سالن جي جنگ کانپوءِ اها ڳالهه واضح آهي ته افغانستان ۾ امن کي جنگ جاري رکي بحال نه ٿو رکي سگهجي. پوءِ ڪا به ڌر هڪ ٻئي کي فوجي حل نه ٿي لاڳو ڪري سگهي. پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته افغانستان ۾ فوري ۽ حقيقتن تي ٻڌل مقصد ۾ افغانستان ۾ داعش، القاعده ۽ ان جي حمايتن جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم شامل ٿيڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي دهشتگردي خلاف قدمن تي سوال نه ٿا کڻي سگهجن ، هن چيو ته نائين اليون کانپوءِ پاڪستان جي ڪوششن سان ئي القاعده جو خاتمو ڪيو ويو آهي پاڪستان فوجي آپريشنن سان جابلو علائقن مان سمورن ويڙهاڪ گروپن کي ختم ڪيو آهي. پاڪستان دهشتگردي خلاف وڏي قيمت چڪائي آهي. 6500 فوجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار سميت 27 هزار پاڪستاني ان جنگ ۾ شهيد ٿيا دهشتگردي جي عالمي مسئلي سان گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دهشتگردي خاتمي جي عالمي حڪمت عملي ۾ اهم غلط جو ذڪر ڪيو جنهن سبب ان مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام نصيب ٿي ڇو ته دهشتگردي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. بنيادي سبب صرف غربت ۽ جهالت ناهن. دهشتگردي جي سببن ۾ ناانصافي، جبر ۽ پرڏيهي مداخلت سميت سياسي ۽ ٻين محرومين تي انتهائي رد عمل به آهي. هن چيو ته پاڪستان جا ايٽمي هٿيار رڳو ان لاءِ ٺاهيا آهن ڇو ته ان جي پاڙِيسري خطي ۾ انهن هٿيارن کي متعارف ڪرايو آهي. اسان جا ايٽمي اثاثا اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ لازمي آهن. اسان جا ايٽمي اثاثا پوري طرح محفوظ ڪنٽرول ۾ آهن جنهن جو ماهرن به اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري پاڪستان کي بنا ڪنهن فرق جي بنياد تي نيو ڪليئر سپلائر گروپ جهڙي عالمي ايٽمي عدم ڦهلاءَ انتظامن ۾ شامل ڪيو. هن چيو ته ايشيا ۾ امن ۽ خوشحالي کي ڏکڻ اوڀر ۽ اولهه ايشيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ اڀرندڙ عالمي طاقتن جي مزاحمت کان خاطرو آهي. وزيراعظم چيو ته شام، عراق، يمن سميت اوڀرملڪن ۾ هر جاءِ تي جنگ ۽ تشدد پکيڙيل آهي هن چيو ته عراق ۽ شام ۾ داعش ڪمزور ٿي چڪي آهي پر اوڀر آفريڪا ۽ دنيا جي ٻين علائقن ۾ دهشتگرد ڪارروائيون پکڙجي چڪيون آهن .اسرائيلي جي غيرقانوني علائقن ۾ واڌ سان مقدس ڌرتي تي تشدد پکڙجندي نظر اچي رهيو آهي هن چيو ته روهنگيا جي مسلمانن جي نشل ڪشي نه صرف انسانيت جي سمورن بنيادي قدرن کان ابتڙ آهي پر اهو اسان جي گڏيل ضمير لاءِ به چئلينج آهي هن چيو ته غربت، بيماريون، ماحُلياتي تبديليون، ايٽمي ڦهلاءُ، دهشتگردي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون ضروري آهي هن گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري پاران امن، سلامتي، ترقي ۽ انتظام ۾ گڏيل قومن جي اهميت کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪئي. گڏيل قومن جو جنرل اسيمبلي جو سالياڻو اجلاس نيو يارڪ ۾ جاري آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي خطاب ۾ عالمي، علائقائي، سماجي ۽ ترقياتي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو عڪس پيش ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ عالمي اداري کي والاريل ڪشمير ۾ شهرين تي ڀارتي ظلم بابت به ڄاڻ ڏني. وزيراعظم عالمي اداري تي زور ڀريو ته ڪشمير جي مسئلي بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.وزيراعظم شاهد خاقان عباسي روهنگيا مسلمانن جي صورتحال بابت به پاڪستان جو موقف پيش ۽ عالمي برادري تي زور ڀريو ته روهنگيا جي مسلمانن جي نسلي لڏ پلاڻ کي روڪيو وڃي.وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ عالمي برادري کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کان  ڄاڻ ڏني، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان جنگ ۾ هزارين قيميتي جانين جي قرباني ۽ هڪ سئو 20 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان برداشت ڪيو آهي.وزيراعظم پاڙيسري ملڪن سان بهتر ناتن لاءِ خواهش جو به اظهار ڪيو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته پاڪستان امن پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، پاڪستان، افغانستان ۾ امن جي حل جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڀائيواري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽيشن کان وٺي ڪيترن ئي ٻين شعبن تائين ڦهلجندي. هن چيو ته 207 ملين نوجوانن تي ٻڌل آبادي سان پراعتماد آهي ته هو وڌندڙ آمدني کپت ۽ پيداوار کي ڪتب آڻيندي اقتصادي حڪمت جي ذريعي خوشحالي ڏانهن وڌندو. پاڪستان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي اندر ۽ پنهنجي سرحدن جي آسپاس امن جو خواهشمند آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستان جي ڪردار تي به روشني وڌي. وزيراعظم پنهنجي خطاب دوران چيو ته ڪشمير مسئلي جي پرامن ۽ فوري حل لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان امن واري عمل کي بحال ڪرڻ تي تيار ناهي اسان گڏيل قومن تي زور ڏيون ٿا ته هو والاريل ڪشمير بابت پنهنجي ٺهراءَ تي عمل ڪرائڻ لاءِ ذميواري پوري ڪري ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ڪشمير بابت خاص نمائندو  مقرر ڪري جيڪو گڏيل قومن جي پراڻن ٺهرائن تي عمل ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *