سنڌ ۾ ناياب پکين جو شڪار جاري، عرب شهزادن جون گولاڙچي ۽ بدين ۾ ڪيمپون قائم

گولاڙچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ناياب پکين جو غير قانوني شڪار جاري آهي ۽ بدين ۽ گولاڙچي جي ساحلي ڪنارن تي ناياب پکين جي شڪار لاءِ 200کان وڌيڪ شڪارين پنهنجون ڪيمپون قائم ڪري ورتيون آهن، جن ۾ وڏي تعداد عرب شهزادن جي آهي علائقي ۾ 300 کان وڌيڪ ڍنڍون آهن جتي پکين جو شڪار ڪيو پيو وڃي انهن مان سائيبيريا آيل بدڪن ۽ پکين سان گڏوگڏ بازن جو شڪار به جاري آهي جڏهن ته انهن شڪارين ڍنڍن تي هڪ هزار کان وڌيڪ ڄار وڇائي ڇڏيا آهن جن جي ذريعي هو پاڻي تي ايندڙ ۽ ويهندڙ پکين جو شڪار ڪن ٿا جيتوڻيڪ سنڌ ۾ انهن ناياب پکين جي شڪار تي پابندي اهي پر پوءِ به سنڌ جي وائيلڊ لائيف کاتي انهن حوالي سان ڪوبه قدم نه کنيو آهي ۽ مبينا طور عرب شهزادن ۽ وڏن شڪارين کان وڏي پئماني تي رشوت وٺي انهن کي شڪار ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته وائيلڊ لائيف کاتي جي قانون تحت اهڙي شڪار لاءِ لائسنس هجڻ ضروري آهي پر هي رسم به پوري ناهي ڪئي وئي ۽ سرعام شڪار جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *