سنڌ حڪومت سنڌو درياهه تي گهوٽڪي – ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (8 نومبر2017): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برطانيا جي وزيراعظم جي پاڪستان ۾ تجارتي سفير ۽ ميمبر پارليامينٽ رحمان چشتيءَ سان تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي ۽ سنڌ ۽ برطنيا وچ ۾ واپار ۽ فني سهڪار ۾ واڌ بابت مختلف مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر مس ايلن برنس، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سندس پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر کي درخواست ڪئي آهي ته سکر بئراج جنهن تي سنڌ جي زرعي معيشت جو انحصار آهي جي بحاليءَ لاءِ فني سهڪار ڪري ۽ هن کين يقين ڏياريو هو ته هُو ان فرم جي ڳولها ڪندو جنهن اهو بيراج تعمير ڪيو هو. ان تي رحمان چشتيءَ چيو ته برطانيا جي حڪومت ان تي ڪم ڪري رهيا آهي. دورو ڪندڙ برطانيا جي تجارتي سفير چيو ته برطانيا جي حڪومت مختلف ملڪن سان گڏيل واپار ۾ واڌارو چاهي ٿي. هن چيو ته اسانجي اهم درآمدات ۾ سبزيون، مصالاجات، مرچون وغيره شامل آهن. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت زراعت جي واڌاري لاءِ ڪجهه اهم اپاءَ ورتا آهن، هن دورو ڪندڙ سفير کي چيو ته هُو شهر ۾ صنعتڪارن سان ملاقات ڪري ۽ واپار جي واڌاري جي امڪان جو جائزو وٺي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت جي ڪيٽي بند واري رٿا جي فزيبلٽي بڻائڻ ۾ به سهڪار ڪري. هن چيو ته صوبائي حڪومت هڪ ڪنسوريشم جوڙيو آهي جيڪو فزيبلٽي تيار ڪري رهيو آهي پر ان کي وڌيڪ فني سهڪار جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪيٽي بندر پروجيڪٽ هڪ ڪول جيٽي، پاور پارڪ ۽ صنعتي علائقو آهي. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم کي برطانيا جي صنعتڪارن ۽ واپارين سان وڌيڪ رابطن لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *