مينار پاڪستان واقعو شرمناڪ ھو، مستقبل ۾ پاڻي مسئلو اچڻ وارو آھي: عمران خان

لاھور (م.ڊ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته رک جهوڪ ٻيلو ملڪ جو جديد ۽ اهم منصوبو آهي، نواز ليگ حڪومت به اهو منصوبو نه لڳايو، نئين ٽيڪنالاجي سان پتو پوندو ته ڪٿي وڻن جي واڍي ٿي رهي آهي، وزير اعظم عمران خان شيخوپوره ۾ ٻوٽو لڳائي رک جهوڪ ٻيلي جو افتتاح ڪيو، عمران خان چيو ته راوي درياءَ ۾ سيوريج جو پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو آهي، لاهور شهر ماحولياتي تباهي جو شڪار آهي، مستقبل ۾ پاڻي جو مسئلو اچڻ وارو آهي، ان ڪري ٻيلا تيار ڪري رهيا آهيون.  ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مينار پاڪستاني واقعي تي تڪليف پهتي، جيڪي حرڪتون ٿي رهيون آهن، اهي اسان جي ڪلچر ۽ دين جو حصو ناهن. لاهور ۾ ايجوڪيشن ڪنوينشن سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ تعليم تي زور نه ڏنو ويو، ماضي ۾ ڊيم ٺاهڻ ۽ بهتر گورننس سسٽم تي به ڌيان نه ڏنو ويو، هڪجهڙو نصاب اڳ ۾ آڻڻ گهرجي ها پر ائين نه ڪيو ويو. هن چيو آزادي کانپوءِ اسان کي سڀ کان وڌيڪ ڌيان تعليم تي ڏيڻ گهرجي ها، جن قومن ترقي ڪئي، اتي هڪجهڙو تعليمي نظام آهي، اولهه تعليم ۾ اڳتي نڪري ويو آهي، اسان انگريزن جو سسٽم تبديل ڪرڻ بدران ان کي وڌائي ڇڏيو، ملڪ ۾ هڪ ننڍي طبقي لاءِ انگلش ميڊيم ۽ ٻين لاءِ اردو ميڊيم آهي، انگلش ميڊيم ذهني غلامي آندي، ان اسان کي اولهه ڪلچر جو غلام بڻائي ڇڏيو. عورتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن تي سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ ملڪ ۾ عورتن جي جيڪا عزت ڪئي ويندي هئي، اها دنيا ۾ ڪٿي نه ڪئي ويندي هئي، اولهه ۾ عورت جي ايتري عزت نه هئي جيتري اسان ڪندا هئاسين، جيڪا تباهي ڏسي رهيا آهيو، ان جو وڏو سبب ٻارن جي درست تربيت ناهي، جڏهن ته موبائل فون جي غلط استعمال سبب جنسي ڏوهه وڌي رهيا آهن، اسان کي پنهنجي ٻارن کي آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *