بيماري بابت ويجهن دوستن سان رابطي ۾ آهيان: عاليا ڀٽ

ممبئي (شوبز نيوز) تازو ئي فلم فيئر ايوارڊز 2019 ۾ ميدان ماريندڙ خوبصورت اداڪاره عاليه ڀٽ انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ به ٻين اداڪارن /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 22

جيان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪاره عاليه ڀٽ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان هوءَ عجيب پريشانين سان منهن ڏئي رهي آهي، جنهن جو ڪو به بنيادي سبب ناهي. هن ٻڌايو ته ڪڏهن به ڊپريشن جي مريض نه رهي آهيان پر ڪجهه مهينن کان هوءَ اهڙي بيماري سان منهن ڏئي رهي آهي، جنهن بابت هوءَ پاڻ به نٿي ڄاڻي. عاليه ڀٽ وڌيڪ چيو ته شايد اهو سڀ انڪري ٿي رهيو آهي جو هن تازو ئي پنهنجي ڀيڻ جو لکيل هڪ ڪتاب پڙهيو هو، جنهن ۾ ذهني پريشاني بابت لکيل هو. اداڪاره اهو به چيو ته هوءَ ان بيماري جي خاتمي جي سلسلي ۾ هوءَ پنهنجي ويجهن ساٿين سان رابطي ۾ آهي، ان سان جلد ئي هوءَ ان بيماري مان جند ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. ذهني پريشاني ۾ مبتلا هئڻ باوجود عاليه ڀٽ 3 باليووڊ فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي، جن ۾ “ڪلنڪ، تخت ۽ سڙڪ 2” شامل آهن. تازو ئي اداڪاره فلم فيئر ايوارڊز ۾ راضي فلم ۾ اداڪاري تي بهترين اداڪاره جو ايوارڊ پنهنجي نانءُ ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *