افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمتي قدمن جي سخت ضرورت آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آسٽريلين هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر جيفري شا الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته آرمي چيف چيو ته افغانستن ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ سنجيده ڪوششن جي ضرورت آهي آئي ايس پي آر مطابق آسٽريليا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر جيفري شا جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف سان الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارا معاملا علائقائي صورتهال ۽ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف زور ڀريندي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمتي قدمن جي سخت ضرورت آهي آرمي چيف آسٽريلين هاءِ ڪمشنر جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ ڪوششن جي به ساراهه ڪئي. ڊاڪٽر جيفري شا افغانستان جي صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم رکڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ورجايو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *