گئس بحران جي ذميواري قبولڻ کان انڪار، گهريلو واهپيدارن جي طلب وڌي آهي: حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر گئس بحران جي ذميواري قبولڻ کان انڪار ڪندي ڪراچي ۾ گئس بحران جو ڪارڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منع نامي کي قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته گهرج وڌڻ سبب هر سال سياري ۾ نان ايڪسپورٽ جنرل انڊسٽري ۽ ڪيپٽو پاور پلانٽ جي بجلي ڪَٽي گهريلو واهپيدارن کي ڏيندا آهيون، هن سال سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ نه ٻن منع نامي جي حڪمن سبب ائين نه ڪري سگهياسين، ان حوالي سان ايم ڊي سوئي سدرن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪيس جي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏئي. هن چيو ته گئس جي سپلاءِ ايتري ئي آهي، سياري ۾ گهريلو واهپيدارن جي طلب ٽيڻ کان پنجوڻ تي ٿي وئي آهي، ڪراچي ۾ گئس بحران جو احساس آهي، شهر ۾ ٽيل اينڊ جي علائقن ۾ گئس پريشر جو مسئلو به آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ساليانو 9 سيڪڙو گئس گهٽجي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته جنوري ۾ ايل اين جي جا 10 کان 11 ڪارگو ايندا پر ايل اين جي عالمي مارڪيٽ ۾ ڏاڍي مهانگي آهي، تنهن ڪري مهانگي ايل اين جي گهريلو واهپيدارن کي نٿا ڏئي سگهون. واضح رهي ته ڪراچي سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن گئس بحران تي حماد اظهر کي خط لکي سخت احتجاج ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *