سريلنڪن شهري جو قتل واقعو:جاچ حتمي مرحلي ۾ داخل، قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد(م.ڊ) سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي جاچ حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آھي، قومي اسيمبلي ۾ سيالڪوٽ سانحي تي بحث دوران وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، ڪرمنل لاز ۾ موجود خاميون ختم ٿيڻ گهرجن، اُن لاءِ پارليامينٽ کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،  نواز ليگ ايم اين اي احسن اقبال چيو آهي ته اهم واقعي تي بحث باوجود گهرو وزير ايوان ۾نه آيو، سيالڪوٽ واقعي تي سموري قوم کي تڪليف پهتي، حڪومتي سنجيدگي اها آهي جو ڪورم به پورو نه ڪرائي سگهي، نواز ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر درشن لال جي نشاندهي بعد ڪورم پورو نه هجڻ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو آھي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *