افغانستان ۾ امن ۽ سلامتيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مربوط ڪوششن جي ضرورت آهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز افغانستان ۾ امن ۽ سلامتيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مربوط ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجا وسيلا استعمال ڪن. سومر ڏينهن هتي پرڏيهي آفيس ۾ هارٽ آف ايشيا استنبول پراسيز جي سينيئر اختيارين جي پهرئين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ترقي لاءِ امن ضروري آهي. هن چيو ته افغانستان پاڪستان لاءِ وڏي اهميت وارو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل سرحد آهي ۽ نسلن کان هڪٻئي سان جڙيل آهيون. ٻئي ملڪ صدر اشرف غني جي وزن مطابق علائقائي رابطن ۽ سهڪار جي هڪ نئين دؤر جي شروعات ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جو افغانستان جو دؤرو ٻنهي ملڪن جي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن ۽ اسان امن ۽ ترقيءَ لاءِ اڳتي وڌڻ جي سلسلي ۾ گڏيل سهڪار وسيلي درپيش چئلينجن کي اثرائتي نموني سان ضابطو آڻي سگهون ٿا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *