ايندڙ بجيٽ مجموعي معيشت جي بهري لاءِ همٿائيندڙ ۽ مراعتن واري هوندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ مجموعي معيشت جي بهتري لاءِ همٿائيندڙ ۽ مراعتن واري هوندي، ان بجيٽ جي نتيجي ۾ عوام پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي ترقي تي ٻڌل ڪوششن جو اعتراف ڪندو، هو سومر ڏهاڙي فيڊرل بورڊ آف روينيو جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سان 16-2015ع جي بجيٽ متعلق تجويزون غور هيٺ آهن، ايف بي آر جي چيئرمين مختلف اسٽيڪ هولڊرز ۽ واسطيدار وزارتن جي مشاورت سان تيار ڪيل تجويزن بابت ناڻي واري وزير کي آگاهه ڪيو، سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ مجموعي طور معاشي بهتري لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ اسان معيشت جي مختلف شعبن کان تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن چيو ته هي موقعو آهي ته انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي جن ۾ ترقي ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا آهن، وياج جي شرح هن وقت تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي آهي ۽ اسان وٽ ترقياتي ڪمن لاءِ وڌيڪ گنجائش آهي، هن ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته وزيراعظم جي گهٽ لاڳت واري هائوسنگ اسڪيم متعلق ڪميٽي سان پڻ مشاورت ڪئي وڃي ۽ بجيٽ کي قطعي شڪل ڏين کان پهرين ان جي راءِ کي تجويزن ۾ شامل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *