وڏي وزير سان الطاف حسين جو ٽيليفونڪ رابطو، پاڻي بحران تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين  وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ڳالهه ٻولهه دوران ڪراچي جي امن جي  صورتحال ۽ ڪراچي ۾ پاڻي جي قلت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. الطاف حسين چيو ته سنڌ پوليس سانحه صفوران ڳوٺ ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪري وڏو ڪارنامو ڪيو آهي. اهي دهشتگرد ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي مختلف وارداتن ۾ ملوث هئا. انهن دهشتگردن جي گرفتاري تي وزير اعليٰ سنڌ، حڪومت سنڌ سان گڏ گڏ آءِ جي سنڌ ۽ پوليس  جي تمام آفيسر ۽ سپاهين کي مان زبردست خراج تحسين، مبارڪباد ۽ شاباش پيش ڪريان ٿو. پاڻي بحران بابت ڳالهائيندي الطاف حسين چيو ته پاڻي نه هئڻ سبب ڪراچي شهرين ۾ تمام وڏي بيچيني آهي. پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. پاڻي مسئلي جي حل لاءِ  ايم ڪيو ايم جي قائد  تجويز ڏني ته ايم ڪيو ايم جي  چونڊيل ميمبرن سان ملاقات ڪري اهو مسئلو ترت حل ڪرايو وڃي. وزير اعليٰ سنڌ ايم ڪيو ايم ميمبرن سان ملاقات ڪرڻ جي آمادگي ظاهر ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران اهو طئه ڪيو ويو ته اڄ منجهند ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ميمبرن جي وفد سان وزير اعليٰ سنڌ ملاقات ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *