بهتر حڪمراني لاءِ ايماندار ۽ بدعنواني کان پاڪ انتظاميه لازمي عنصر آهيۡ: منظور وساڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير اينٽي ڪرپشن، جيل، معدنيات ۽ معدني ترقي منظور حسين وساڻ چيو آهي ته بهتر حڪمراني لاءِ ايماندار ۽ بدعنوانين کان پاڪ انتظاميه لازمي عنصر آهي. هن چيو ته بدعنوانين ۾ ملوث ماڻهن خلاف مضبوط شاهدين جي روشني ۾ ڪيس ٺاهيا وڃن ته جيئن ملوث جوابدرن کي سزائون ملن ۽ سزا يافته ماڻهن جي حشر کان ٻيا سبق پرائين ۽ بدعنواني کي سختي سان چيڀاٽي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير منظور حسين وساڻ اڄ پنهنجي آفيس ۾ ڪوٺايل انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي سينيئر آفيسرن جي اجلاس جي صدرت ڪندي ڪيو. پنهنجي هدايتن ۾ هن چيو ته سموري ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن جي سختي سان پابندي ڪري عمل ۾ آندي وڃي. صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي مثالي ڪارڪردگي ذريعي گڊ گورننس ۾ حڪومت جو هٿ ونڊائين. هن ڊائريڪٽرز، سرڪل آفيسرز ۽ ٻين آفيسرن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن آفيسر جي باري ۾ شڪايت ملي ته سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ چيئرمين انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سيد ذاڪر حسين سمورن ڪيسن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ هدايت ڪئي ته ڪارڪردگي کي مناسب طريقي سان نمايان به ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي ان جي باري ۾ آگاهي ملي سگهي.  اجلاس م سمورن ڊائريڪٽرز انڪوائريز، ڊائريڪٽر سنڌ، ڊائريڪٽر ليگل، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *