افغانستان کي طالبان، حقاني نيٽ ورڪ جا 27 شڪي ماڻهو ڏنا: پرڏيهي ترجمان

ڪابل/ اسلام آباد (اين اين آءِ/ويب ڊيسڪ) پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان نومبر 2017ع ۾ افغان طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي 27 شڪي ماڻهن کي افغانستان حوالي ڪيو. سماجي رابطن واري هڪ ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان دحشتگردي خلاف جنگ ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان حوالي سان پاڪستان جي شهادتن جي شرح سموري دنيا ۾ بلند ترين آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي جي انت ۾ پنهنجي 75 هزار شهرين ۽ 6 هزار سپاهين جي قرباني ڏني آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي اقتصادي طور 123 ارب آمريڪي ڊالرن جو نقصان ٿيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ طالبان افغانستان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي ڪنهن به شڪي عنصر کي افغانستان خلاف ڪنهن به دهشتگردي لاءِ پنهنجي سرزمين کي استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته پاڪستان ان ضمن ۾ نومبر 2017ع ۾ تحريڪ طالبان افغانستان ۽ حقاني نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل 27 ماڻهن کي افغانستان حوالي ڪيو. (اين اين آءِ) افغان حڪومت پاڪستان پاران 27 شدت پسندن کي حوالي ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي افغان ميڊيا مطابق افغانستان پاڪستان پاران تحريڪ طالبان افغانستان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي 27 سدت پسندن کي افغان حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو ته پاڪستان ڪنهن هڪ شدت پسند کي به اسان جي حوالي ناهي ڪيو گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي چيو هو ته پاڪستان افغانستان خلاف ڪنهن به قسم جي دهشتگردي لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ کان  روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان ڏس ۾ گذريل سال نومبر ۾ تحريڪ طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ سان تعلق رکندڙ 27 شدت پسندن کي افغانستان جي حوالي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *