پوليس رائو انوار جي گرفتاري تي بي وس، ڊيڊ لائين نٿو ڏئي سگهان: اي ڊي خواجا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجا ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري تي بي وسيءَ جو اظهار ڪندي ڪا به ڊيڊ لائن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران صحافين جي آءِ کان سوال ڪيا ۽ کانئس رائو انوار جي عدم گرفتاري جو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ صحافي جي سوال ته رائو انوار ڪال ڪري رهيو آهي پر گرفتار ڇو نه پيو ٿئي؟ تي اي ڊي خواجا جواب ڏنو ته اسان وٽ واٽس ايپ ڪال ٽريس ڪرڻ جو ڪو نظام ناهي. رائو انوار جي ايئرپورٽ تان نڪري وڃڻ واري سوال تي آءِ جي چيو ته ان جو جواب اسلام آباد ايئرپورٽ وارن کان وٺو. سندس چوڻ هو ته اسان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا قانوني ڪارروائي ڪرڻي هئي ڪئي سين پر گرفتاري جي ڪا به تاريخ نٿو ڏئي سگھان. واضح رهي ته چيف جسٽس پاڪستان آءِ جي سنڌ جي درخواست تي کيس 27 جنوري جي ڏينهن رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني هئي پر نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد روپوش معطل ڪيل ايس ايس پي رائو انوار کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگھي آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *