رائو انوار گينگ جو خاتمو ضروري آهي، پشت بناهي ڪندڙ بي نقاب ٿيڻ گهرجن: سينيٽ ڪميٽي

ڪراچي(م.ڊ) سينيٽ جي انساني حقن بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس چيئرپرسن سينيٽر نسرين جليل جي صدرت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  سميت ڪميٽي جي آفيسرن  شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ رائو انوار هٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله محسود جي عدالت کان مٿانهين قتل جي مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيئرپرسن نسرين جليل چيو ته نقيب الله ڪيس کان علاوه گذريل 5 سالن ۾ رائو انوار جي ٿيندڙ مقابلن جي به جاچ ڪئي وڃي، سينيٽ جي پاس ڪيل ڊيٿ ان ڪسٽڊي قانون تي عمل ڪيو وڃي، هن چيو ته لڳي ٿو ته رائو انوار کي بااثر ماڻهن لڪايو آهي،  اجلاس ۾ سنڌ جي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته  رائو انوار جنهن جو وڻيس نالو کڻي اسان کي ڪو به خوف ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *