افغانستان پاران راڪيٽ حملو، 4 پاڪستاني فوجي شهيد، 4 زخمي

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ افغان سرحد تي خيبر ايجنسي جي علائقي ۾ افغانستان پاران فائر ڪيل راڪيٽ حملي ۾ 4 پاڪستاني فوج شهيد ۽ 4 زخمي ٿيا، پاڪستاني فوجين جي جوابي ڪارروائي تي دهشتگردن فائرنگ بند ڪر ي ڇڏي، آءِ ايس پي آر مطابق افغان سرحد ويجهو افغانستان پاران فائر ڪيل راڪيٽ پاڪستاني چوڪي تي ڪرڻ سان 4 فوجي شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا، بيان ۾ ٻڌايو ويو ته آچر تي خيبر ايجنسي جي لڳ افغان سرحد هن پار کان دهشتگردن دره اخوند والا ۾ 8 هزار فواچائي تي قائم پاڪستاني فوجي چوڪي کي هڪ راڪيٽ ذريعي نشانو بڻايو، حملي ۾ 4 فوجي شهيد ٿي پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *