اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو مڪمل تياري سان سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو: اياز صادق

لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سردار اياز صادق چيو آهي ته اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو پوري تياري سان سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو، سياسي ورڪر ڪڏهن به چونڊ کان ناهي ڀڃندو پر هو پنهنجو آئيني حق ناهي ڇڏيندو، جيڪڏهن اسان پنهنجي آئين جو ذڪر نه ڪريون ته اها گهٽ دانشمندي چئبي، نادرا جو چيئرمين ۽ اليڪشن ڪميشن سميتهر ڪنهن جي ڪردار جو سپريم ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي، اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ ڊپٽي اسپيڪر معاملا هلائي سگهي ٿو، پهريون معاملو اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي چيلينج ڪرڻو آهي، اسان کي اسٽي آرڊر ڪڏهن ملي ٿو ۽ ان کانپوءِ اسان جو اڳيون قدم ڇا هوندو ان بابت قيادت سان مشاورت ڪندس، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته عمران خان ڪا ذاتي ويڙهه نه آهي، ان سميت سڀني سان عزت ۽ احترام جو رشتو آهي ۽ اهو رهندو، ان سان ڪافي سالن کان تعلق آهي، هي تعلق ويندي ويندي به گهٽ ۾ گهٽ 50 کان 60 سال وٺندو ۽ خبر ناهي ته ڪنهن جي ڪيتري حياتي آهي، هن چيو ته اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي ۾ جج صاحب پنهنجي تعريف ڪئي آهي، فيصلي ۾ واضح طور تي اليڪشن مشينري جي ناڪامي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ۽ مشينري نه منهنجي ڪنٽرول ۾ هئي، هن چيو ته عدالت ۾ چيلينج ڪندس فائنڊنگ ۾ اليڪشن ڪميشن تي جيترو بار وڌو ويو آهي اهو ايترو نه آهي، هن چيو ته اسٽي آرڊر ملڻ جي صورت ۾ قومي اسيمبلي وڃڻ ۽ اسيمبلي سيٽ سنڀالڻ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن فيصلي کانپوءِ اخلاقي طور تي قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ان کانپوءِ اسپيڪر ناهيان رهيو، اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي پوري تياري سان چيلينج ڪنداسين ۽ جج صاحب پاران فيصلي جي تصدقي ڪاپي اڄ ڏيڻ وج چيو ويو آهي جنهن کانپوءِ پٽيشن داخل ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *