زرين خان ۽ سندس ڀيڻ کي آمريڪي اختيارين ايئرپورٽ تي روڪي ورتو،ڪيترائي ڪلاڪ پڇا ڳاڇا کانپوءِ ڇڏيو ويو

نيويارڪ(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا زرين خان ۽ سندس ڀيڻ کي آمريڪي اختيارين ايئرپورٽ تي روڪي ورتو ۽ ڪيترائي ڪلاڪ پڇا ڳاڇا کانپوءِ کين وڃڻ ڏنو. ڀارتي ميڊِيا مطاباق زرين خان آمريڪا ۾ رٿيل هڪ شو ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مينيجر ۽ ڀيڻ سان گڏ نيويارڪ پهتي ، ايئرپورٽ تان سندس مينيجر کي ته وڃڻ ڏنو ويو پر زرين ۽ سندس ڀيڻ کي روڪيو ويو، ٻنهي کي ڪيتري ئي دير تائين هڪ ڌار ڪمري ۾ ويهارڻ کانپوءِ آمريڪا اچڻ جي ڪارڻن ۽ رهائش دوران گهمڻ ڦرڻ جي حوالي سان شيڊول بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. ڪيترائي ڪلاڪ پڇا ڳاڇا کانپوءِ آمريڪي اختيارين ٻنهي ڀينرن کي وڃڻ ڏنو. زرين خان ان واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته هوءَ ڪيترائي ڀيرا آمريڪا جو دورو ڪري چڪي آهي پر ساڻس پهرين ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو، آمريڪي اختيارين طرفان پڇا ڳاڇا دوران هن ساڻن مڪمل سهڪار ڪيو، هر پاسي کان مطمئن ٿيڻ کانپوءِ ئي آمريڪي اختيارين کين ڇڏي ڏنو. واضح رهي ته شاهه رخ خان کي به ٽي سال پهرين نيويارڪ ايئرپورٽ تي 2 ڪلاڪ روڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *