افغانستان جي مداحن طرفان دشمنن جهڙو رويو رکڻ تي تڪليف پهتي: انيقه علي

 

لاهور: (شوبز نيو) مشهور ڳائڻي انيقه علي چيو آهي ته افغانستان جي مداحن جو پرتشدد رويو ان جي جارحاڻي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو.پاڪستان ته هميشه پيار، امن ۽ محبت جون ڳالهيون ڪيون آهن. پاڪستاني رانديگرن ميچ کٽڻ کان پوءِ به افغان ڪرڪيٽرن جي حوصله افزائي ڪئي.ٻئي طرف افغان مداحن پاڪستاني مداحن تي حملو ڪندا رهيا. جڏهن ته هنن پاڪستاني مداحن تي حملي ڪرڻ کان پوءِ به گرائونڊ اندر وڃي پاڪستاني رانديگرن تي به حملي جي ڪوشش ڪئي.راند جي ميدان ۾ اهڙو جارحاڻو رويو مذمت جوڳو آهي. هن چيوته پاڪستان هميشه پنهنجي پاڙيسرين سان سٺا تعلقات رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *