وطن ۽ هتان جي مداحن سدائين پيار ڏنو آهي باليووڊ يا ٻئي هنڌ ڪم نه ٿي ڪري سگهان : نيلم منير

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامن ۽ فلمن جي مشهور اداڪاره ۽ ماڊل نيلم منير چيو آهي ته اسڪرپٽ جاندار ۽ ڪاسٽ شاندار هجي ته فلم کي ڪاميابيءَ کان ڪير به نه ٿو روڪي سگهي. “رانگ نمبر 2” جي ڪاميابي کانپوءِ تازي ڏنل انٽرويو ۾ نيلم منير چيو ته “رانگ نمبر 2” جي ڪاميابي منهنجي ڪيريئر کي نئون ۽ مضبوط رخ ڏئي ڇڏيو آهي، سٺن ڪردارن تي ٻڌل وڌيڪ فلمون به ڪرڻ چاهيان ٿي. نيلم منير چيو ته “رانگ نمبر 2” فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو وڌيڪ موقعو هو، ڇاڪاڻ ته هيءَ فلم هڪ ئي وقت ڪاميڊي، رومانس، ڊانس ۽ جذبن سان ڀرپور هئي. هن چيو ته هڪ اداڪاره طور پرفارم ڪرڻ سندس ڪم آهي، ان سان فرق نٿو پوي، پوءِ اهو سيڪوئل ئي ڇو نه هجي پر اوهان جي ڪارڪردگي ڳالهائيندي آهي، فلم ان وقت ئي سائن ڪندي آهيان، جڏهن ان جو اسڪرپٽ مضبوط هجي. اداڪاره جو چوڻ هو ته ٽي وي اسڪرين ۽ فلم ڌار ڌار ميڊيم آهن، مان ٿيٽر، ٽي وي ۽ فلم لاءِ موجود آهيان، اسان جي ملڪ ۾ ڊراما انڊسٽري مضبوط آهي، هتي ڊراما وڌيڪ ڏٺا ويندا آهن، انڪري هتي سڃاڻپ ٺاهڻ آسان آهي، اسان وقت سان گڏ بهتر ٿي رهيا آهيون، مونکي يقين آهي ته 2019 پاڪستاني شوبز انڊسٽري لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. نيلم باليووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش وارو خيال رد ڪندي چيو ته مون پنهنجي وطن ۽ هتان جي مداحن سدائين پيار ڏنو آهي، انڪري ٻئي هنڌ ڪم نه ٿي ڪري سگهان. مشهور اداڪاره پنهنجي ايندڙ فلم “ڪاف ڪنگنا” ۾ وڏي پردي تي جلوه ڏيکاريندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *