راڻا ثناءُالله سان اي اين ايف جو ڪهڙو تعلق؟ ن ليگ ۽ پ پ قيادت پاران گرفتاري سياسي انتقام قرار

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته راڻا ثناءُالله سان اي اين ايف جو ڪهڙو تعلق آهي، هن کي پنهنجي دبنگ ۽ دليراڻي موقف جي ڪري گرفتار ڪيو ويو. تفصيل موجب مسلم ليگ ن جي نائب صد مريم نواز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لکيو ته راڻا ثناءُ الله سان اي اين ايف جو ڪهڙو تعلق آهي، صورتحال ان کان وڌي بي تُڪي نٿي ٿي سگهي. مريم نواز پنهنجي پروفائل تصوير به تبديل ڪري راڻا ثناءُ الله جي تصوير لڳائي ڇڏي.  ان کان اڳ مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته حڪمران پارٽي ن ليگ جي فڪر ڇڏي عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي، انهن جي نااهلي ۽ نالائقي سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته عوام کي فاقن تائين پهچائي ڇڏيو، حڪومت شريف فيملي جي فڪر ڇڏي ڏئي. گڏ رهڻ شريف فيملي جي رت ۾ شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *