افغانستان جا دشمن پاڪستان جا دوست نٿا ٿي سگهن: نواز شريف/اشرف غني

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف ۽ افغان صدر  اشرف غني چيو آهي ته دهشتگردن ٻنهي ملڪن کي وڏو نقصان پهچايو آهي، کين اميد آهي ته  گڏجي شدت پسندن جو خاتمو آندو ويندو. ڪابل ۾ افغان صدر اشرف غني سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته افغانستان جا دشمن پاڪستان جا دوست نه ٿا ٿي سگهن. هن چيو ته هر ڏکئي وقت ۾ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. نواز شريف چيو ته هو جڏهن به افغانستان ايندو آهي ته کيس خوشي ٿيندي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين خطي ۾ امن ۽ استحڪام نه ٿيندو. نواز شريف جو چوڻ هو ته سٺي مهمان نوازي ڪرڻ تي هو افغان صدر ۽ اختيارين جا ٿورائتا آهن. ان موقعي تي افغان صدر اشرف غني چيو ته  دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان کي نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته هو خطي مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. اشرف غني چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. افغان صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان کي ساڳيائي خطرا درپيش آهن ۽کيس ٻنهي ملڪن جو مستقبل روشن نظر اچي رهيو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو افغانستان پهچڻ تي افغان پرڏيهي وزير صلاح الدين استقبال ڪيو اکاري تي وزيراعظم محمد نوازشريف آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان گڏ افغانستان ايئرپورٽ تي پهتو افعان پرڏيهي وزير ان جو استقبال ڪيو وزيراعظم جي وفد ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم جو صلاحڪار سرتاج عزيز وزيراعظم جو معاون خاص طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري سميت ٻيا سينيئر عملدار به شامل هئا ان موقعي تي وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر به پيش ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *