پاڪ-برطانيه وچ ۾ جوابدارن جي حوالگي جو ٺاهه حتمي مرحلي ۾ داخل

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ جوابدارن جي حوالي ڪرڻ جو ٺاهه حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. ذريعن مطابق جوابدار حوالي ڪرڻ جي ٺاهه جو دستاويز قانوني صلاح مشوري لاءِ لاڳاپيل برطانوي کاتي جي حوالي ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ برطانيا جلد دستاويزن جي مٽاسٽا ڪندا. ذريعن مطابق ٺاهه تحت پهريون جوابدار عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار معظم علي خان هوندو. معظم علي خان جي جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ به برطانوي حڪومت کي ملي وئي آهي. وزير اعظم نوازشريف جي تازي برطانيا جي دوري دوران جوابدارن کي حوالي ڪرڻ جي اصولي ٺاهه تي اتفاق ٿي ويو. ان حوالي سان گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان برطانيا مان اهم شخصيت ملاقات ڪئي آهي، جيڪا ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ذريعن مطابق ٻنهي اڳواڻن ان اهم ملاقات ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. برطانيا جي جاچ ٽيم ۾ اسڪاٽ لينڊ يارڊ، عمران فاروق قتل ڪيس جو انچارج پوليس ڪمانڊر، سيريس اينڊ آرگنائيزڊ ڪرائم انويسٽي گيشن ايجنسي ۽ نيشنل ڪرائم ايجنسي جا اهلڪار به شامل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *