چونڊيل نمائندا ۽ غربت ۾ پيسجندڙ عوام…!! ؛خالد حسين خاصخيلي

اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته اليڪشن کان پهريان ته هر چونڊيل نمائندو انهن اٻوجهه ۽ غريب عوام جي درن وٽ وڃي انهن جي مٿي تي هٿ رکي جيڪي واعدا ڪندا آهن توهان اسان کي ووٽ ڏيو اسان توهان جا سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏينداسين.

اها غريب ۽ اٻوجهه عوام آخر ڪري ته ڇا ڪري آخر ڪار انهن کي ووٽ ڏيندي آهي جڏهن اهي نمائندا اليڪشن کٽي ويندا آهن ته انهن غريب طبقي جي عوام سان جيڪي به واعدا خلافي ڪندي آهي انهن جي دل ۾ ڇا ٿيندو هوندو، انهن کٽيندڙن نمائندن جو فرض آهي ته غريب عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن کي پورو ڪن.

چوندا آهن ته ”ڪم نڪتو ڪاغذ ڦاٽو“ واري چوڻي به صحيح آهي، اگر ڪاغذ ۾ ڪم پوندو آهي ته انهي کي استعمال ڪري پوءِ ڦاڙي ڇڏبو آهي، اهڙي طرح غريب عوام به هڪ ڪاغذ جو ٽڪڙو آهي جنهن کي اهي چونڊيل نمائندا استعمال کانپوءِ ڦاڙي ڇڏيندا آهن.

بيروزگاري ايتري آهي جو ماءُ پيءُ پنهنجا ٻچڙا وڪڻڻ ۾ پورا آهن. جيڪي چون ٿا ته اسان ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏئي رهيا آهيون آخر ميرٽ ڇا کي چئبو آهي؟ ڇا! ميرٽ انهي کي چئبو آهي جو نوڪريون پئسن ۽ سفارش تحت ملن؟

اهي نمائندا جيڪي غريب عوام جي ووٽ ذريعي وڏين گاڏين ۾ گهمن ٿا، ڇا! ڪڏهن انهن چونڊيل نمائندن سوچيو آهي ته جڏهن غريب عوام وٽ وڃي ووٽ وصول ڪري اسان هتي پهتا آهيون انهن جو ڇا حال هوندو؟ نه اهو ڪڏهن به نه سوچيو هوندو، ڇو ته هاڻ سوچڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي، سوچيندو  ته اهو غريب هوندو ته اسان ته ساڳيا ٽڪر ڀور ۾ پورا آهيون آخر ايتري بي واجپي غريب طبقي سان ڇو ٿي ڪئي وڃي، آخر انهن جو ڏوهه ڪهڙو آهي، ها انهن جو ڏوهه اهو آهي ته انهن اها اميد رکي ووٽ ڏنو ته شايد انهن جي قسمت بدلجي وڃي ۽ اسان کي غربت مان ڇوٽڪارو ملي پوي، پر هتي قانون جهڙي ڪابه شيءِ ناهي ته انهن سان انصاف ڪيئن ٿيندو.

ڪجهه عرصواڳ  اسان جي هڪ چونڊيل نمائندي نوجوانن کي اهو مشورو ڏنو هو ته توهان وڃي ڇولا کپايو! انهي نمائندي کي ٿوري به سوچ نه آئي ته جنهن اسيمبلي ۾ توهان ويٺا آهيون اتي پهچائڻ وارا به اهي غريب طبقي جا نوجوان آهن جن توهان کي ووٽ ڏئي انهي منزل تي پهچايو آهي. هڪ ته غربت جي ڪري غريب طبقو ڏينهون ڏينهن پيسجندو پيو وڃي ته ٻي طرف اهي طعنا ڏئي انهن غريبن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي، انهن چونڊيل نمائندن کي سوچڻ گهرجي توهان جنهن سيٽ تي ويٺا  آهيون انهن جو اصل ڪردار غريب عوام جا ووٽ آهن. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي چونڊيل نمائندا آهن انهن کي غريب طبقي جي عوام جي درن تي وڃي انهن جا مسئلا حل ڪن ۽ انهن غريب طبقي جي نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏين ته جيئن انهن مان بيچيني ختم ٿئي ۽ آئنده اليڪشن ۾ انهن جو ووٽ مضبوط ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *