اعليٰ عدليه ۽ فوج احتساب کان آجا، وڏين پارٽين جو نيب بدران احتساب ڪميشن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ موجود سمورين سياسي جماعتن اعليٰ عدليه ۽ فوج کي احتساب جي دائري ۾ آڻڻ بابت شق کي تجويز ڪيل قومي احتساب ڪميشن جي قيام لاءِ غور هيٺ قانون جي مسودي مان ڪڍڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پارليامينٽ هائوس ۾ اربع ڏهاڙي ڪميٽي جي اجلاس بعد قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته ججن ۽ جرنيلن کي احتساب جي دائري ۾ آڻڻ بابت شق کي پاڪستان پيپلز پارٽي واپس وٺي ڇڏيو آهي، قانون واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر شيرين مزاري حڪومتي ميمبرن جي رويي ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ مناسب وقت نه ڏيڻ تي احتجاجي طور واڪ آئوٽ ڪيو، ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جي روڪ ٿام لاءِ موجود قومي احتساب بيورو جي جڳهه قومي احتساب ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ قانون جو مسودو پارليامينٽ ۾ ڪميٽي سطح تي غور هيٺ آهي، مخالف ڌر جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر تجويز ڪيل قومي احتساب ڪميشن جي دائره اختيار کي ججن ۽ جرنيلن تائين وسيع ڪرڻ لاءِ غور هيٺ قانون جي مسودي ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته مخالف ڌر جي ٻين جماعتن پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي به اعليٰ عدليه ۽ فوج کي احتساب جي دائره اختيار ۾ آڻڻ جي مخالفت ڪئي آهي، وفاقي وزير جو چوڻ هيو ته تجويز ڪيل احتساب جي قانون جي دائره اختيار ۾ عدليه ۽ هٿياربند فوجن کي نه آندو ويندو ۽ سمورين جماعتن ان نڪتي تي اتفاق ڪيو آهي، هن چيو ته نئين احتساب ڪميشن جي قيام بعد نيب ۾ سمورين التويٰ هيٺ انڪوائريون ۽ ڪيس ٻين عدالتن ۾ منتقل ڪيا ويندا، زاهد حامد جو چوڻ هيو ته ڪرپشن جا ڪيس احتساب ڪميشن يا نئين عدالتن کي منتقل ٿيڻ باوجود ختم نه ٿيندا ۽ نه ئي شروع ڪيل جاچ ختم ڪئي ويندي، هن چيو ته سن 1999 ۾ بڻايل نيب جو قانون ڪافي سخت هيو، وفاقي وزير جو چوڻ هيو ته احتساب جو اهڙو قانون بڻائڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ انصاف به هجي ۽ احتساب به هجي، اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي نيب کي ئي برقرار رکڻ ۽ ان جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر شيرين مزاري جو چوڻ هيو ته اها ججن ۽ جرنيلن کي احتساب جي دائره اختيار ۾ آڻڻ جي تجويز سان اتفاق نه ٿي ڪري، هن چيو ته احتساب ڪميشن جي سربراهه جي مقرري ۾ اپوزيشن ۽ وزيراعظم وچ ۾ مڪ مڪا نه ٿيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي ميمبر جو چوڻ هيو ته حڪومت قومي احتساب ڪميشن جي بل ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي تجويزن کي شامل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف احتساب ڪيمشن لاءِ پنهنجون ترميمون پارليامينٽ ۾ آڻيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *