سنڌ اسيمبلي ۾ نيب خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور، مخالف ڌر مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي قومي احتساب بيورو (نيب) جي خلاف مذمتي ٺهراءَ ڪثرت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبر خورشيد جوڻيجي نيب خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي گرفتاري تي نيب کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. مسلم ليگ فنڪشنل ۽ تحريڪ انصاف مخالفت ڪئي. ٺهراءَ ۾ نيب تي ٻٽو معيار اختيار ڪرڻ جو الزام لڳائيندي سنڌ حڪومت مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري اڳتي لاءِ ڪنهن شهري سان اهڙو سلوڪ نه ڪيو وڃي. ٺهراءُ پيش ڪندي خورشيد جوڻيجو چيو ته نيب هڪ معزز سنڌ اسيمبلي جي ميمبر بيعزتي ڪئي ۽ سادا ڪپڙا پاتل اهلڪارن عدالت جي اڱڻ مان  شرجيل کي گرفتار ڪيو، عدالت جي اڱڻ ۾ اهڙي گرفتاري عدالت جي تقدس جي به توهين آهي. خورشيد جوڻيجو چيو ته شرجيل انعام ميمڻ پرڏيهه مان ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ واپس آيو پر نيب اهلڪارن سياسي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ حڪومت وفاق کان رابطو ڪري واقعي تي ڪارروائي جو مطالبو ڪري جيئن اڳتي لاءِ ڪنهن به شهري سان ائين نه ٿئي. پ پ پ اڳواڻ چيو ته اسان جي قيادت خلاف ڪوڙا ڪيس بڻايا ويا پر اسان هميشه ڪيسن کي منهن ڏنو، اسان جي اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي بنا ڪنهن سبب جي تنگ ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻ معاملو برداشت کان ٻاهر آهي. پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان چيو ته اسان نيب جي خلاف ٺهراءَ جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، شرجيل ميمڻ ۽ سندس ساٿي قرآن پاڪ تي هٿ رکي چون ته انهن ڪرپشن ناهي ڪئي، اهي ماڻهو عدالتن ۾ وڃڻ ۽ پنهنجي صفائي پيش ڪن، ڪرپٽ ماڻهن خلاف نيب جي ڪارروائي کي ناانصافي چيو پيو وڃي. خرم شير زمان جي ان بيان تي پيپلز پارٽي جا ميمبر ڪاوڙجي پيا. ورڪس اينڊ سروسز جي وزير امداد پتافي چيو ته خرم شير زمان جو سهرو وزير اعليٰ هائوس مان ٺيڪا وٺندو آهي، پهرين سي ايم هائوس کان ڪيٽرنگ جا ٺيڪا وٺندڙ پهرين قرآن کڻن ۽ ڪلمو پڙهي جواب ڏين ته انهن ٺيڪا ناهن کنيا، عمران خان جو والد به ڪرپشن جي الزام ۾ نوڪري تان برطرف ٿيو.  فنڪشنل ليگ سنڌ اسيمبلي ۾ شرجيل ميمڻ جي حق ۾ پيش ٿيل ٺهراءَ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. نصرت سحر عباسي ڊاڪٽر رٿ فائو جي حق ۾ ٺهراءُ بحث هيٺ نه آڻڻ تي سخت ڪاوڙ ڪئي ۽ چيو ته اسيمبلي شرجيل ميمڻ جهڙن ماڻهن لاءِ ناهي، نيب جي خلاف ٺهراءُ پيش ڪندڙ پاڻ نيب جا ساٿي آهن، اينٽي ڪرپشن جي نااهلي تي نيب سنڌ ۾ گرفتاري ڪئي، ملڪ ۾ احتسبا جو عمل شروع ٿي چڪو آهي جنهن کي ڀرپور نموني سپورٽ ڪيون ٿا. تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبر شرجيل ميمڻ جي نيب طرفان گرفتاري خلاف صوبي جي حڪمران پارٽي طرفان ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ ٺهراءَ جي مخالفت ڪري ڇڏي جڏهن ته نصرت سحر عباسي ڊاڪٽر رٿ فائو جي حق ۾ پنهنجو ٺهراءُ بحث هيٺ آڻڻ جو مطالبو ڪيو. اجلاس دوران نصرت سحر عباسي چيو هي اسيمبلي شرجيل ميمڻ جهڙن ماڻهن جي تحفظ لاءِ ناهي، هن ملڪ ۾ عدالتون موجود آهن جيڪي پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن. احتساب جو عمل شروع ٿي چڪو آهي جنهن کي سپورٽ ڪنداسين. جيڪڏهن پيپلز پارٽي شرجيل ميمڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ اسيمبلي جو فورم استعمال نه ٿيڻ گهرجي پر ان لاءِ بلاول هائوس يا پارٽي جا ٻيا ذريعا استعمال ڪيا وڃن. ” نيب تي تنقيد ڪندڙ پاڻ نيب جا ساٿاري آهن“ چيئرمين نيب جي مقرري پيپلز پارٽي جي مخالف ڌر اڳواڻ جي ڳالهين سان عمل ۾ آندي وئي، نيب اينٽي ڪرپشن کاتي جي ناڪامي تي سنڌ ۾ گرفتاري ڪئي. هن چيو ته  ان جي ساٿين مان ڪو به شرجيل ميمڻ جي حق ۾ ٺهراءَ جي حمايت نه ڪندو ۽ جيڪو به ان جي حمايت ڪري رهيو آهي اهو پنهنجي دل کان پڇي ته هو ڪهڙي ريت ان ٺهراءَ جي حمايت ڪندا، پيپلز پارٽي ۾ هاڻ به اهي ماڻهو موجود آهن جيڪي غلط کي غلط سمجهندا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ هڪڙي فرد لاءِ ٺهراءُ آندو ويو آهي جنهن جي اسان مخالفت ڪيون ٿا. ٺهراءَ مان اداري تي اثرانداز ٿيڻ جو تاثر ملي رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اظهار الحسن چيو ته ارشد وهرا جي وڃڻ سان ايم ڪيو ايم پاڪستان کي وڏو ڌڪ رسيو، هن جلد بازي جو مظاهرو ڪيو، ان لاءِ اسان جا دروازا کليل آهن، هن چيو ته اصل ويڙهه ايم ڪيو ايم ۽ پاڪ سر زمين پارٽي جي وچ ۾ ناهي، ڏسڻو پوندو ته متحده سان پي ايس پي ۾ وڃڻ جو ڪنهن کي فائدو ٿي رهيو آهي. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته هڪ ٻئي کي ڪمزور ڪرڻ مان ڪجهه نه ٿيندو، سنڌ ۾ ڪرپٽ مايا خلاف مهم هلائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪراچي جي مينڊيٽ جي مضبوطي جو حامي آهيان، خبر ناهي ته سنڌ جو وڏو وزير ڪهڙن ٺيڪن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته منظور وساڻ شام جو اخبار پڙهي سمهندو آهي، پوءِ ان کي خواب ايندا آهن ۽ ان جو ڪو به خواب سچو ثابت ناهي ٿيو، خواجا اظهار الحسن چيو ته آءِ جي سنڌ کي هٽائڻو آهي ته ان لاءِ مضبوط دليل ڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *