ڪراچي کي نظر انداز ڪرڻ تي جاويد ميانداد نجم سيٺي تي ڪڙڪي پيو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ميچن جي ميزبان لاءِ ڪراچي کي نظر انداز ڪرڻ تي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد چيئرمين پي سي بي نجم سيٺي تي ڪڙڪي پيو. جڏهن ته  جاويد ميانداد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ڪرڪيٽ جو مرڪز آهي پر سيٺي نظر انداز ڪيو، سريلنڪا  جي ٽيم تي حملو لاهور ۾ ٿيو پر ڪرڪيٽ ڪراچي مان ختم ڪئي وئي.اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته اسان جي ڪرڪيٽ گهٽين ۽ روڊن تي شروع ٿيندي آهي، اسان وٽ موجود وسيلن کي صحيح طريقي سان استعمال ناهي ڪيو ويندو.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته  يونس ۽ مصباح جي متبادل لاءِ رينجنز ۽ ضلع جي ڪرڪيٽ بهتر ڪرڻي پوندي، ان رانديگرن جا متبادل ٻاهران کان نه ايندا، هن چيو ته جونيئر سٺي ڪاڪردگي ڏيکاري مصباح ۽ يونس خان جا متبادل ٿي سگهن ٿا، ڪرڪيٽ جي هٿي لاءِ مضبوط قدم کنيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *