نيسنل ايڪشن پلان جا نڪرندڙ ساراهه جوڳا نتيجا…!

 

وفاقي گهرو وزير جي ترجمان چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان ڪنهن هڪ اداري، ڊپارٽمينٽ يا وزارت جي ذميواري ناهي. اهو تاثر درست ناهي ته قومي ايڪشن پلان تي ٽڪي جو به ڪم نه ٿيو آهي، اعليٰ عدليه جو فيصلو اکين تي، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي رپورٽ ايندڙ هفتي اعليٰ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته اين جي اوز جي فنڊنگ نيشنل ايڪشن پلان جي دائري ۾ ناهي. نيشنل ايڪشن پلان تحت 59536 آپريشن ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته عالمي ادارا ايئن نه چون ها ته پاڪستان ۾ دهشتگردي گهٽ ٿي آهي. 60 هزار 420 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا.ڪراچي آپريشن ۾ 55 هزار 982 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا. اڻ تصديق ٿيل51 لک سمون بند ڪيون ويون آهن. ڪراچي آپريشن سان دهشتگردي ۽ ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ضرب عضب آپريشن سان دهشتگردن جو نيٽ ورڪ تباهه ڪري ڇڏيو. 20 هزار دهشتگرد مارجي ويا. 2500 گرفتار ٿيا ۽ زخمي ٿيا. ڪجهه اين جي اوز کي ملڪ بدر ڪيو ويو. هڪ اڌ تي پابندي لڳائي وئي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي ڪجهه نقطن تي تيزي سان عمل ٿيو آهي. ڪجهه نقطن تي مختلف سببن جي ڪري عملدرآمد جي رفتار سست آهي. ايڪشن پلان تي عمل لاءِ وفاق، صوبائي حڪومتون، ايجنسيون ۽ فوج گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. سمورن نقطن تي عملدرآمد ۾ اندريون ۽ ٻاهريون رڪاوٽون آهن، روزانو 7 کان 8 ڌماڪن جي ڀيٽ ۾ اڄ جو ماحول گهڻو بهتر آهي .

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڏوهارين خلاف جاري آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ پاڪستان اندر سمورن شهرن ۾ ان آپريشن کي وڌايو وڃي ته جيئن هر شهر هر گهٽيءَ مان ڏوهارين جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *