منھنجي ڪٽنب عورتن کي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ جي خلاف ھو، منھنجي والد ساٿ ڏنو ۽ اڄ آءُ اھم عھدي تي آھيان: فرزانھ عباسي

ڪراچي(پ.ر) عباسي ڪلھوڙا ويمن آرگنائيزيشن جي گڏجاڻي بينظير عباسي ايڊوڪيٽ جي ميزباني ۾ فرزانھ عباسي جي سھڪار سان ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ڪوٺائي ويئي . جنھن ۾ ميان جھانگير عباسي ،سجاد عباسي ، نئون سج جي ايڊيٽر ان چيف زاھدھ عباسي ، روبينا نذير ڪلھوڙو، عزيزھ حنا عباسي، زبيدھ عباسي ، شاھد حسين ڪلھوڙو ، شاھجھان عباسي، عبدالغني عباسي، ھما عباسي، صحافي ضياءَ قريشي سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي ايڊيٽر نئون سج زاھدھ عباسي چيو تھ مان ڳوٺاڻي آھيان ۽ پھرين ڳوٺ جي عورت آھيان جنھن تعليم حاصل ڪئي . ميٽرڪ ڪيم تھ ڏاڏو بابا وٽ آيو تھ نياڻي جي شادي ڪرايو پر منھنجي والد منھنجو ساٿ ڏئي جواب ڏنو تھ پھرين تعليم پوءِ ٻيا مسئلا حل ٿيندي ،ھن چيو تھ مونکي تعليم اعتماد ڏنو آھي جنھن کانپوءِ ھر ماڻھو پنھنجي اندر ۾ سمنڊ ٿي ويندو آھي ۽ الڳ الڳ سوچون ھونديون آھن اسان کي ھڪٻئي کي ھمٿ ڏيڻي پوندي ۽ نالو ڪمائيندڙ عورتن کي داد ڏيڻو پوندو ٻارن کي پڙھائن بھ ھڪ خدمت۽ جاب آھي ، روبينا نذير ڪلھوڙو چيو تھ مان آغا قبيلي جي ٿي ڪري بھ ڳوٺن ۽ عباسي ڪلھوڙن سان محبت ڪئي آھي ، منھنجي شادي پنوعاقل ۾ ٿي تھ مقامي عورتون مونکي ھر بار ڌاري ھجن جو طعنو ڏينديون ھيون ،ان باوجود مون سانن پٽ تي ويھي پنھنجائپ ڪئي نياڻين ھر وقت ھمٿايو ۽ پڙھايو ۽ اڄ منھنجي ڌاري ھجڻ جو تصور ختم ٿي ويو آھي ، مون عباسي ڪلھڙو ٿي ڏيکاريو آھي ۽ ھاڻ سڄي ڳوٺ ۾ منھنجو ئي فيصلو ھلندو آھي ،جنھن لاءِ ڳوٺ وارن جي ٿورائتي آھيان . رابعھ ڪلھوڙو چيو تھ مون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون . مان پھرين برادري جي ڇوڪري آھيان جنھن سي ايس ايس ڪئي آھي گولڊ ميڊلسٽ بھ آھيان منھنجي سفر ۾ مونکي تمام گھنا چيلينج آھن جن کي منھن ڏيان پئي شادي ضروري آھي پر مون ان کي پاسي تي رکي تعليم کي اوليت ڏني آھي . عزيزھ عباسي چيو تھ شاھھ عبداللطيف جيڪو ستا اٿي جاڳ شعر چيو آھي اھو اسان لاءِ پيغام آھي ، اسان کي اڳتي وڌڻ گھرجي فرزانھ عباسي چيو تھ بينظير عباسي ايڊوڪيٽ وڏو ڪم ھٿ ۾ کنيو آھي ان جو ساٿ ڏينداسين . منھنجي ڪٽنب عورتن کي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ نھ چاھي پر منھنجي والد ھمٿ ڪري منھنجو ساٿ ڏنو ۽ اڄ آءُ خدمت لاءِ اھم عھدي تي آھيان . اسان جو مقصد نياڻين کي تعليم ڏيڻ آھي  جيڪو اڪثر ڳوٺن ۾ رجحان نھ آھي ان ڪري نياڻين کي اھا بھ خبر ناھي تھ سندن حق ڇا آھن . ھاڻ ايمن ھن آرگنائيزيشن تحت سنڌ جي شھر شھر وستي واھڻ ۾ سيمينار ڪري عورتن کي سجاڳ ڪنداسين . شاھد ڪلھوڙو چيو تھ اسان جي برادري چاھي ٿي تھ نياڻيون اڳتي اچن ۽ کين تعليم جي زيور سان آراستھ ٿيڻ گھرجي ،  آدم شاھھ ڪلھوڙو جي گادي نشين ۽ انجن عباسي جي ڊويزنل صدر جھانگير ڪلھوڙو چيو تھ اسين آدم شاھھ ڪلھوڙو جا خدمتگار آھيون ،اسان جي عباسي ڪلھوڙا تنظيم اڳ ئي ٺھيل آھي ۽ عورتن جي تنظيم بھ ان ۾ ضم ٿيڻ گھرجي اھا ڳالھھ درست آھي تھ اسان وٽ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو لاڙو گھٽ آھي  عورت پڙھيل ھوندي تھ پورو ڪٽنب پڻ تعليم يافتھ ۽ قابل ٿيندو ٻي صورت ۾ وڏيرڪي سوچ پروان ٿيندي . عورتن کي تعليم کان پوئتي رکڻ سبب ئي سنڌي معاشرو پٺتي پئجي ويو آھي . ھما ڪلھوڙو چيو تھ ماضي ۾ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌ ۾ وڏي ترقي ٿي اسان کي ڪنھن کي ذاتي سڃاڻپ نھ ڏيڻ گھرجي پر جيڪڏھن عورت کي ڪريڊيٽ وڃي ٿو تھ ھمٿائڻ گھرجي يا ڪنھن جي ذاتي جدوجھد آھي تھ ان کي نمايان ڪرڻ گھرجي ،افسوس تھ اڪثر مرد عورتن جي بااختيار ھجڻ جي ڳالھھ ڪن ٿا پر سندن عورتون ستن برقعن ۾ قيد ڪري ڇڏين ٿا . اھا ڊپلوميسي نھ ھجڻ گھرجي . خود گھر ۾ بھ تبديلي آڻن گھرجي نياڻين جي تعليم ۽ ترقي لاءِ مذھب جي آڙ نھ ورتي وڃي ۽ اھو بھ تاثر نھ ڏنو وڃي تھ نياڻين کي تعليم ڏياري قبر ڪاري ٿيندي ۽ ايمان کي خطرو ٿيندو . جاويد ڪلھوڙو ايڊوڪيٽ چيو تھ ڪلھوڙن جي اتھاد جو خال آھي اسين سماٽ تعليم ۾ پوئتي آھيون ۽ نفرتن ۾ ڀرجي ويا آھيون اسان کي شعور ڏئي پنھنجو پاڻ سان ناانصافيون ختم ڪرڻيون پونديون ، جنھن ۾ سڀني سنڌ واسين جو مستقبل آھي . اسان جو ٽائٽل ڪلھوڙو ۽ شاھھ آھي جنھن کي ھن سنڌ ڌرتي کان ڌار نھ ٿو ڪري سگھجي ، باشعور ماءُ ئي باصلاحيت اولاد پيدا ڪندي آھي اھا پاءُ ئي پھرين يونيورسٽي ھوندي آھي، ماضي ۾ ڪلھوڙن اسان جو ڳاٽ اوچو ڪيو آھي پر ھاڻ ڪمي ٿيندي پئي وڃي .صحافي ضياءَ قريشي چيو تھ شاھھ لطيف پنھنجي شاعري ۾ عورتن جي ترقي خوشھالي جي ڳالھھ ڪئي آھي ۽ پنھنجي شاعري ۾ سنڌ جي سورمين کي اجاگر ڪيو آھي ، ساڳي ريت عباسي ڪلھوڙن جون عورتون ھيرن جي صورت م نظر اچي رھيون آھن . جن تعليم ۽ ترقي لاءِ جاکوڙ ڪئي آھي . ڪلھوڙا برادري سنڌ جي ڪنھن بھ علائقي رھندي ھجي ڪراچي ۽ سنڌ ھڪ آھي سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي . تقريب جي ميزبان بينظير عباسي ايڊوڪيٽ سڀني کي ڀليڪار چئي ۽ چيو تھ منھنجي سڏ کي موٽ ڏئي عباسي ڪلھوڙا وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيا آھيون ۽ اڄ مونکي ھي فيملي گيدرنگ لڳي رھي آھي . تقريب جي آخر ۾پنھنجي پنھنجي شغبي ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيڻ تي بينظير عباسي پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ پڻ ڏنا ويا . جڏھن تھ صحافي شاڪر علي شاڪر ڪمپيئرنگ ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *