اشنا شاهه وارَ ڇُهڻ تي ڪاوڙيل، سوشل ميڊيا تي بحث

ڪراچي (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا اشنا شاهه تازو ئي هڪ شاپنگ مال ۾ ساڻس پيش آيل افسوسناڪ واقعي جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته هڪ اڻ ڄاڻ عورت ساڻس ملڻ وقت هن جي وارن کي ڇهيو، جنهن هن جو سڄو ڏينهن برباد ڪري ڇڏيو.پنهنجي مختصر ٽوئيٽ ۾ اداڪارا شاپنگ مال جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته تازو ئي هڪ شاپنگ مال ۾ اڻڄاتل عورت سندس وارن کي سندس مرضي کانسواءِ ڇهيو، جنهن سندس سڄو ڏينهن برباد ڪري ڇڏيو.اداڪارا وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن عورت منهن کي هٿ ڏئي ها ته هن جو سڄو هفتو برباد ٿي وڃي ها.هن لکيو ته اها بدتميزي آهي يا رڳو منهنجو خيال آهي؟اشنا شاهه جي ٽوئيٽ تي ڪيترن ئي ماڻهن تبصرا ڪيا ۽ ان سان اتفاق ڪيو ته ڪنهن به اجنبي کي اهو حق ناهي ته هو ڪنهن به مشهور شخصيت جي جسم کي ان جي اجازت کانسواءِ ڇهي.هڪ صحافڻ اشنا شاهه سان اتفاق ڪندي لکيو ته اجنبي ماڻهن جي طرفان ائين ڪرڻ ڪنهن جي ذاتي جاءِ تي قبضو ڪرڻ جي برابر آهي ۽ هوءَ انهن ماڻهن کان به نفرت ڪندي آهي جيڪي سندس چهري کي ڇهندا آهن.هڪ واهپيدار سندس ٽوئيٽ تي تبصرو ڪيو ته مقامي ماڻهو ڪڏهن به نه سمجهندا آهن ۽ نه ئي اهي ٻين ماڻهن جي ذات يا رازداري کي سمجهندا آهن.هڪ مداح لکيو ته جڏهن ڪا مشهور شخصيت ماڻهن جي سامهون ايندي آهي ته اهي ائين ڪندا آهن ۽ ٻيو ته اهڙن ماڻهن کي اها به ڄاڻ نه هوندي آهي ته ڪهڙي شخص جي پرائيويسي ڪهڙي آهي؟اداڪارا جي ٽوئيٽ تي هڪ مداح سخت تبصرو ڪندي چيو ته ڊرامن ۾ کيس 100 غير مرد ڇهندا آهن ته پوءِ کيس ڪو مسئلو ناهي پر جڏهن وڏي عمر جي عورت کيس پيار جي اظهار لاءِ ڇهي ٿي ته ته کيس مسئلو ٿئي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *