اسلام آباد ۾ جوابدار زال ۽ سهري سوڌو 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پاڙيسري جي فائرنگ ۾ پاڻ بھ زخمي

ڪراچي (م.ڊ) ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ آبپاره ٿاڻي جي حد ۾ واري علائقي 6 ۾ فائرنگ جي نتيني ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، پوليس موجب جوابدار رحيم پنهنجي نرس گهرواري ۽ اسٽاف تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٻئي مارجي ويون، جڏهن ته جوابدار گهر وڃي پنهنجي سهري ۽ سالي کي به فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ دوران پاڙيسري به جوابدار تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو، پوليس موجب واقعو گهريلو تڪرار تان پيش آيو، مارجي ويلن جي سڃاڻپ شعيب عزيز، راحيلا بانو، عزيز الرحمان ۽ نعيم اختر طور ٿي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻن جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *