پنڊي ٽيسٽ بنا نتيجي ختم، امام ۽ شفيق جون سينچريون

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽  آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي وئي، پاڪستاني اوپنرن ٻي اننگز بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سينچريون اسڪور ڪيون.راولپنڊي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن آسٽريلوي پنهنجي اڻ پوري اننگز 7 وڪيٽن جي نقصان تي 449 رنسن کان شروع ڪئي ته رڳو 10 رنسن جي واڌري سان باقي 3 وڪيٽون به وڃائي ويٺي.آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 459 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان کي پهرين اننگز ۾ 17 رنسن جي معمولي سرسي حاصل ٿي.پاڪستان طرفان نعمان علي بهترين بالنگ ڪرائيندي 6 وڪيٽون ورتيون.پاڪستان ٻي اننگز شروع ڪئي ته امام الحق ۽ عبدالله شفيق پراعتماد انداز ۾ کيڏندي کاڌي جي وقفي تائين ڪا وڪيٽ ڪِرڻ نه ڏني.پاڪستاني اوپنرن رنسن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، عبدالله شفيق پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته امام الحق ٻي اننگز ۾ به سينچري هڻي ويو.ٻنهي اوپنرن ٽيم جو مجموعي اسڪور 252 تائين پهچايو ته ڪپتانن امپائرن سان صلاح مشوري کانپوءِ ميچ جي خاتمي تي اتفاق ڪيو.پاڪستان طرفان عبدالله شفيق 136 ۽ امام الحق 111 رنسن جي اننگز کيڏي.واضح رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 4 وڪيٽن جي نقصان تي 476 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي، پهرين اننگز ۾ امام الحق ۽ اظهر علي شاندار سينچريون اسڪور ڪيون ويون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *