اشتهاري مهم جو مقصد عمران خان ۽ ان جي غير قانوني ڌرڻي کي بي نقاب ڪرڻ آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ميڊيا تي اشتهاري مهم جو مقصد پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس غير قانوني ڌرڻي کي بي نقاب ڪرڻ آهي. هڪ بيان ۾ پرويز رشيد چيو ته عمران خان جو ڌرڻو آئين ۽ پارليامينٽ جي خلاف آهي جڏهن ته قوم جي ٽيڪسن جا لکين رپيا غير قانوني ڌرڻي جي سڪيورٽي تي خرچ ٿي رهيا آهن. هنچيو ته ميڊيا تي اشتهارن جو مقصد عمران خان ۽ ان جي غير قانوني ڌرڻي کي بي نقاب ڪرڻ آهي، کيس پتو هئڻ گهرجي ته اشتهاري مهم جي ادائگي حڪومت نه ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *