”ٻلي سئو ڪوئا کائي هلي آهي حج تي“عمران خان پ پ قيادت خلاف بدبودار گفتگو بند ڪري: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات ۽ سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پيپلز پارٽي جي قيادت جي خلاف بدبودار گفتگو ۽ بدڪلامي فوري بند ڪري. عمران خان جو مثال اهو آهي ته “ سو ڪوئا کائي ٻلي حج تي هلي”. عمران خان پيپلز پارٽي جي قيادت کي ان ڪري تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ڪيرائڻ ۽ جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ ۾ سندس ساٿ نه ڏنو. ڇنڇر واري واري ڏينهن پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو عمران خان جا الزام ڪوڙ جي کٺڙي آهن ۽ عوام کي بيوفوق بڻائڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته اقتدار جي هوس عمران خان کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڪري هو پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف بدبودار زبان استعمال ڪري رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جو مثال اهو آهي ته “سو ڪوئا کائي ٻلي حج تي هلي”. هن چيو ته عمران خان جلسا، جلوس ۽ ميڊيا تي بازاري زبان استعمال ڪري رهيو آهي. اسان کيس خبردار ڪيون ٿا ته هو فوري طور تي پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف بدڪلامي جو سلسلو بند ڪري. هن چيو ته عمران خان ايتري تنقيد ڪري جيتري هو سڀاڻي برداشت ڪري سگھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ڪارنر ميٽنگن جي ذريعي هن ملڪ ۾ جنهن ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي هن ملڪ جو عوام خاص ڪري نوجوان اهڙي قسم جي بدتميزي واري ڪلچر کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *