ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قاتلن جي نشاندهي ۽ اطلاع ڏيندڙن لاءِ 20 لک رپيا انعام جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار، جي يو آءِ جي شهيد اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قاتلن جي نشاندهي ۽ اطلاع ڏيندڙن لاءِ 20 لک رپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو،وڏي وزير سيد قائم علي شاهه هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي تڪڙي جاچ ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران ڪراچي مان جاري ڪيل بيان موجب شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قاتلن جي نشاندهي ۽ اطلاع ڏيندڙن کي 20 لک رپيا انعام ڏنو ويندو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، واقعيجي جاچ لاءِ ڊي آءِ جــِي لاڙڪاڻي جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪري سندن انجام تي رسايو وڃي. واضح رهي ته گــُذريل ڏينهن سکر ۾ مسجد اندر نماز دوران جــَي يـُو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي دهشتگردن گوليون هڻي شهيد ڪيو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *