اسڪواڊ ۾ سرفراز احمد جي موجودگي جو ڪوبه دٻاءُ ناهي:محمد رضوان

لنڊن(اسپورٽس نيوز) وڪيٽ ڪيپر  ۽ بيٽسمين محمد رضوان جو چوڻ آهي ته اسڪواڊ ۾ سرفراز احمد جي موجودگي جو ڪوبه دٻاءُ محسوس ناهيان ڪري رهيو.ڊربي مان وڊيو ڪانفرنس ۾ قومي ٽيم/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 35

جي وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان چيو آهي ته انگلينڊ ۾ ٽريننگ جي لاءِ سٺي سهوليت آهي. سڀ سٺي محنت ڪري رهيا آهن. ٻاهر نٿا وڃي سگهون پر انڊور گيمز جي ذريعي پاڻ کي مصروف رکندا آهيون ڪوبه اضافي دٻاءُ ناهي.سرفراز سان گڏ پوزيشن لاءِ صحتمندانه مقابلو آهي. ٻنهي جي خواهش آهي ته پاڪستان جي لاءِ کيڏو ۽ سٺي پرفارم ڪريون. محمد رضوان چيو ته مان پاڻ به سرفراز جو پرستار آهيان. الله ڪڏهن ڪنهن کي ڏئي وري ڪڏهن به نه ڦري. . سرفراز کان سکي رهيو آهيان.سرفراز احمد سان همدردي هجڻ جي سوال تي هن چيو ته اڳوڻو ڪپتان چيمپين ٽرافي جو فاتح آهي. ان سان محبت ڪريان ٿو.  موقعو ملندو ته ان جو فائدو کڻڻ گهرجي. اڄ جي ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جي بجاءِ بيٽسمين وڪيٽ ڪيپر ٽيم جي ضرورت بڻجي چڪا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *