پاڪستاني فلمساز جو لياري گينگ وار تي ويب سيريز ٺاهڻ جو اعلان

ڪراچي (شوبز نيوز) گذريل ڪجهه ورهين ۾ ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به ويب سيريز ٺاهڻ جي رجحان ۾ واڌ ٿي آهي ۽ هاڻي مشهور فلم ساز نبيل قريشي ۽ فضا علي ميرزا به ويب سيريز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ماضي ۾ ٻنهي فلم سازن نامعلوم افراد، ايڪٽر ان لا، نامعلوم افراد ۽ لوڊ ويڊنگ جهڙيون شاندار فلمون به /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 04

گڏ ڪيون آهن ۽ سندن پنجين فلم قائداعظم زنده باد به رليز ٿيڻ واري آهي. ٻنهي فلم سازن پاڪستان ۾ تجسس جو سبب رهندڙ موضوع تي ويب سيريز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهي اڳڪيون هيون ته جلد ئي نبيل قريشي لياري گينگ وار تي ويب سيريز ٺاهيندو جڏهن ته هاڻي هن ان جي تصديق ڪئي آهي. نبيل قريشي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو ۽ فضا علي ميرزا جلد ئي لياري گينگ وار جي موضوع تي ويب سيريز جي شوٽنگ شروع ڪندا. هن هڪ خبر جي لنڪ به شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هو ويب سيريز ٺاهڻ جي منصوبي تي ڊگهي وقت کان ڪم ڪري رهيو پر هاڻي ان جو اعلان ڪري رهيو آهي. نبيل قريشي لالي وڊ گيليڪسي کي ٻڌايو ته لياري گينگ وار جي موضوع تي ٺاهي ويندڙ ويب سيريز جي ڪهاڻي علي عباس ۽ باسط نقوي لکي آهي. ڄاڻايل ويب سيريز کي فلم پراڊڪشن جي بينر تحت رليز ڪيو ويندو ۽ ان کي پاڪستان جي ڪنهن به ويب اسٽريمنگ ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته سياري ۾ هن جي شوٽنگ شروع ڪرڻ جو امڪان آهي. فلم ساز ويب سيريز جي ڪاسٽ بابت ڪا ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي ۽ ڪهاڻي جي حوالي سان به ڪا ڳالهه ناهي ڪئي. اطلاعن موجب ويب سيريز جي ڪهاڻي لياري گينگ وار جي گروپن جي چوڌاري گهمي ٿي، سيريز م ڪاميڊي به هوندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *