محمد عامر جو ٻيون ڪورونا ٽيسٽ به نگيٽو اچي ويو، جلد انگلينڊ روانو ٿيندو

لنڊن(اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر محمد عامر جو انگلينڊ وڃي قومي اسڪواڊ کي جوائن ڪرڻ جو رستو سڌو ٿي ويو آهي. محمد عامر  جا سومر ۽ اربع تي ٽيسٽ ٿيا ۽ ان جو ٻيون ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 34

 به نگيٽو آيو آهي جنهن جي تصديق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف محمد عامر سان گڏ مساجر محمد عمران به انگلينڊ  روانو ٿيندو ڇو ته محمد عمران جي به ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ نگيٽو آئي آهي.قائدن موجب ٻئي ڄڻا هاڻ سفر جي لاءِ اهل آهن پي سي بي هاڻ محمد عامر ۽ محمد عمران جي سفر جي انتظامن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.امڪان آهي ته محمد عامر ۽ محمد عمران ايندڙ هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ انگلينڊ روانو ٿيندا ۽ ڊربي ۾ قومي ٽيم کي جوائن ڪرڻ کان اڳ ڪورونا 19 ٽيسٽنگ جي مرحلي مان به گذرندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *