اسپيڪر کي اختيار آهي ته پارٽي مينڊيٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ميمبر جو ووٽ قبول نه ڪري: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته قومي اسيمبلي ميمبر جو اختيار آهي ته اهو پارٽي مينڊيٽ جي ڀڪڙي ڪندڙ ميمبر جو ووٽ قبول نه ڪري. پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته 22 مارچ کان اڳ ئي سياسي ڊرامي جي پڄاڻي چاهيون ٿا، پارٽي ميمبرن ۽ اتحادين سميت 179 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. هن چيو ته اپوزيشن اڳواڻن جي بيانن مان لڳي ٿو ته بي اعتمادي رٿ ان ڪري جمع ڪرائي وئي ته ”ايبسوليوٽلي ناٽ“ ڇو چيو. سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ميمبر جو اختيار آهي ته اهو پارٽي مينڊيٽ جي ڀڪڙي ڪندڙ ميمبر جو ووٽ قبول نه ڪري، پارٽي ليڊر ٻڌائيندو ته ڪنهن ميمبر فلور ڪراسنگ ڪئي يا نه.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *