اسلام آباد پوليس جو پارليامينٽ لاجز ۾ آپريشن، گرفتاريون، فضل الرحمان جي ڪارڪنن کي اسلام آباد پهچڻ ۽ روڊ جام ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (م.ڊ)اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ لاجز ۾ جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي محافظ جٿي انصار الاسلام جي ڪارڪنن جي موجودگي تي اسلام آباد پوليس آپريشن ڪري ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون آهن. پارليامينٽ لاجز ۾ آپريشن ڊي آءِ جي آپريشن جي ڪمانڊ ۾ ڪيو ويو، ميڊيا کي پارليامينٽ لاجز مان ڪڍيو ويو، جنهن بعد پوليس جي نفري صلاح الدين ايوب جي لاج جو دروازو ڀڃي گرفتار شروع ڪيون. اطلاعن موجب پوليس جي يو آءِ جي ايم اين اي صلاح الدين ايوبي کي به گرفتار ڪري وٺي وئي، جڏهن ته 10 کان 12 رضاڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ڪيلن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي. اطلاع آهن ته پوليس مولانا جمال الدين ۽ مفتي عبدالله کي به گرفتار ڪيو، جڏهن ته آغا رفيع الله پوليس اهلڪارن سان ڏند چڪ ڪئي، پارليامينٽ لاجز ۾ پوليس جي وڌيڪ نفري به داخل ٿي چڪي آهي. ان کان اڳ پوليس آفيسر پارليامينٽ لاجز پهتا، جتي هنن جي يو آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين ايوبي سان ڳالهيون ڪيون. صلاح الدين پوليس کي چيو ته انصار الاسلام اسان جا مهمان آهن، اسان جا مهمان قانون موجب آيا آهن، ڪارڪنن وٽ هٿيار ناهن. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جو اسيمبلي ميمبر مملڪتي وزير علي محمد خان ۽ نور عالم به موجود هئا. پوليس چيو ته اسان هنن ڪارڪنن کي ٿاڻي وٺي وينداسين، جنهن تي صلاح الدين ايوبي چيو ته منهنجو مهمان منهنجي ڪمري ۾ آهي، مونکي ٿاڻي وٺي هلو، منهنجي مهمان کي نه. ان بعد معاملي جو آءِ جي اسلام آباد پوليس محمد احسن يونس به نوٽيس ورتو ۽ ڊي چوڪ تي ناڪا انچارج، پارليامينٽ لاجز جي انسپيڪٽر انچارج ۽ لائن آفيسر کي معطل ڪري ڇڏيو. بعد ۾ پارليامينٽ لاجز جي چوٿين ماڙ تي صلاح الدين ايوبي جي لاج نمبر 401 ٻاهران پوليس جي رش ٿي وئي، پوليس لاج کي ٻنهي پاسن کان گھيري ورتو ۽ ان دوران ايم اين اي صلاح الدين ايوبي سان ايس ايس پي آپريشنز فيصل ڪامران جون ڳالهيون به ٿيون. صلاح الدين ايوبي چيو ته توهان پنهنجي اهلڪارن کي هيٺ وٺي وڃو پر پوليس قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين ايوب جي لاج ۾ داخل ٿي وئي ۽ تلاشي ورتي. وڌيڪ پوليس اهلڪار جڏهن قومي اسيمبلي جي  ميمبر صلاح الدين ايوب جي لاج ۾ داخل ٿيا ته ان موقعي تي ايم اين اي صلاح الدين ايوبي جو اسٽاف ۽ پوليس هٿين پئجي ويا ۽ پوءِ باضابطا طور آپريشن ڪري صلاح الدين ايوبي ۽ انصار الاسلام جي رضاڪارن کي گرفتار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن اڳواڻن پنهنجي ميمبرن جي جي گم ٿيڻ ۽ سيڪيورٽي تي خدشن ظاهر ڪيا هئا، جنهن بعد مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ اپوزيشن پارٽين فيصلو ڪيو هو ته انصار الاسلام جا ڪارڪن اپوزيشن جي سمورن ميمبرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪندا. ھوڏانھن  جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ لاجز ۾ پوليس آپريشن ۽ ان جي نتيجي ۾ گرفتارين تي حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. واقعي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان سڄي ملڪ مان پنهنجي ڪارڪنن کي اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته جيڪي ڪارڪن اسلام آباد نه پهچي سگهن، اهي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ روڊ جام ڪن، هن چيو ته اسان کي اطلاع هئا ته اسيمبلي ميمبرن کي اغوا ڪيو ويندو، حڪومت لاجز تي حملو ڪيو ته مان پي ڊي ايم سربراهه جي حيثيت سان پهتو آهيان، هر پارٽي جي ورڪر کي چوان ٿو ته اسلام آباد پهچي ۽ جيڪڏهن نه پهچي سگهن ته پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ روڊ بند ڪن. ٻئي پاسي  پارليامينٽ لاجز ۾ پوليس جي آپريشن تي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو ردعمل به اچي ويو. پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ لاجز ۾ پوليس آپريشن جي مذمت ڪندي چيو ته هٿ ٺوڪيو وزيراعظم خوف ۽ دهشت ذريعي پارليامينٽ ميمبرن کي هراسان ڪري رهيو آهي، رڳو جمعيت علماءِ اسلام ميمبرن نه سڀني اسيمبلي ميمبرن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پوليس آفيسر ۽ انتظاميا هٿ ٺوڪئي جي غير قانوني حڪم تي عمل نه ڪن، اسيمبلي ميمبر حوصلا بلند رکن، نيازي حڪومت آخري پساهن ۾ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *