ڌمڪيون نه ڏيو، اسان به چوڙيون نه پاتيون آهن: فضل الرحمان

ڪراچي(م.ڊ) پي ڊي ايم سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو آھي تھ ڌمڪيون نه ڏيو، اسان به چوڙيون نه پاتيون آهن، ڄاڻون ٿا ته لاس اينجلس کان ڊي چوڪ تائين توهان جو ڪردار بدبودار رهيو آهي، پي ڊي ايم سربراهه طرفان وزيراعظم جي تقرير تي جوابي وار ڪيا ويا آھن، فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان جو حشر اشرف غني کان وڌيڪ خراب ٿيندو، اسان آمرن سان ويڙهه ڪئي، عمران خان ڪهڙي باغ جي موري آهي،  عمران پنهنجي آقائن کي به مايوس ڪري ڇڏيو، هاڻي هو حڪمران ناهي رهيو، بي اعتمادي رٿ ضرور ڪامياب ٿيندي، عمران خان جي اقتدار جي ٻيڙي لُڏي رهي آهي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو به بي اعتمادي جو ساٿ ڏيندا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *