پي ايس ايل جي فائنل پنجويهه مارچ تي ڪراچي ۾ ٿيندي: نجم سيٺي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي فائنل ڪرائڻ جو دارومدار سنڌ حڪومت تي آهي ۽ جيڪڏهن پي ايس ايل جي فائنل ڪراچي ۾ نه ٿي سگهي ته لاهور ان جو متبادل هوندو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ هو ته 25 مارچ تي پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ٿيندو ميچ سان شهر جو مثبت پهلو نظر ايندو.هن جو چوڻ هو ته پي ايس ايل جي ڪراچي ۾ فائنل جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڊي جي رينجرز سان ملاقاتون ٿيون، پي ايس ايل فائنل لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي جڏهن ته پوءِ به پي ايس ايل جي فائنل ڪرائڻ جو دارومدار سنڌ حڪومت تي آهي.نجم سيٺي چيو ته پرڏيهي ماهرن کي گهرائي سيڪيورٽي پلاننگ تي بريفنگ ڏيڻي پوندي، پي ايس ايل لاءِ سڀ کان اڳ سيڪيورٽي پلان بڻجندو جڏهن ته جيڪڏهن پي ايس ايل جي فائنل ڪراچي ۾ نه ٿي سگهي ته لاهور ان جو متبادل هوندو.هن چيو ته پوري ڪوشش آهي ته 15 فيبروري تائين ڪراچي اسٽيڊيم تيار ٿي وڃي.پي سي بي چيئرمين چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ ميچ کان بهتر دنيا جي ڪابه گيم ناهي جڏهن ته جيڪڏهن ڀارت کي ناهي کيڏڻو ته پهريان رابطو ڇو ڪيو. ايف ٽي پي ۾ ڀارت سان کيڏڻ اسان جو حق آهي ۽ ان لاءِ فائٽ ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *