شوبز ۾ ڳائڻي بڻجڻ آئي هئس پر اداڪارا ٿي ويس: ڪنزيٰ هاشمي

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ڪنزيٰ هاشمي چيو آهي ته آئون شوبز ۾ ڳائڻي بڻجڻ آئي هئس پر اداڪارا بڻجي ويس، هن وقت ڪراچي ۽ لاهور ۾ ميگا پراجيڪٽس ۾ ڪم ڪري رهي آهيان. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي اداڪارا ڪنزيٰ هاشمي چيو ته مونکي ڪنهن به سٺي فلم ۾ جاندار ڪهاڻي ۽ ڪردار مليو ته ضرور ڪم ڪنديس، هونئن ته مونکي ڳائڻ جو گهڻو شوق هو، جنهن ڪري اها سوچ رکي شوبز ۾ آئي هئس پر قسمت کي ڪجهه ٻيو منظور هو جنهن ڪري اداڪاري جي شعبي ۾ اچي ويس.هن چيو ته ڊائريڪٽر محمد ذوالفقار مونکي ڊراما سيريل ۾ اهم رول لاءِ ڪاسٽ ڪري منهنجي حوصلا افزائي ڪئي، منهنجي خواهش آهي ته آئون ڪنهن ڊرامي يا فلم لاءِ هڪ گانو رڪارڊ ڪرايان

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *