ڏکڻ آفريقا دوري لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ ڪپتان ويرات ڪوهلي جي واپسي

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ڏکڻ آفريقا دوري لاءِ 17 رڪني ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڏکڻ آفريقا دوري لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ سيمرز شردل ٺاڪر ۽ محمد شامي جي واپسي ٿي وئي جڏهن ته شادي ڪندڙ ويرات ڪوهلي ڪپتاني ڪندو. ڪيدار جاڌيو کي به چونڊيو ويو جڏهن ته سري لنڪا هوم سيريز ۾ شريڪ واشنگٽن سندر ۽ سڌار ڪول کي موڪل ڏني وئي. چونڊيل رانديگرن ۾ ڪپتان ويرات ڪوهلي، روهت، ڌون، اجنڪيا راهڻي، شيرياس ايئر، منيش پانڊي، ڪيدار جاڌيو، ڪارٿڪ، ڌوني، اڪشر پٽيل، يزويندرا چاهل، ڪلديپ ياديو، بمرا، ڀونيشور، پانڊيا، شامي ۽ شيردل ٺاڪر شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *