اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: شرجيل خان معافي گهري ورتي

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث ڪرڪيٽر شرجيل خان پروي قوم کان غير مشروط معافي گهري ورتي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين ۽ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث شرجيل خان وچ ۾ اڄ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ شرجيل خان جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو لائحه عمل ترتيب ڏنو ويو، ري هيب پروگرام موجب شرجيل خان کي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تي ليڪچر وٺڻو ۽ ڏيڻو پوندو.ملاقات ۾ طئه ٿيو ته شرجيل خان کي سوشل سروس جي طور تي يتيم خاني جي دورو پڻ ڪرڻو پوندو جڏهن ته شرجيل خان کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ۽ اسپورٽنگ اسٽاف سان هڪ ويهڪ رکڻي پوندي.ڪرڪيٽر شرجيل خان چيو ته مان پي سي بي، پنهنجي ٽيم، ڪرڪيٽ شوقينن ۽ گهروارن کان غير مشروط معافي گهران ٿو ڇو ته منهنجي هڪ غير ذميواراڻي عمل سبب کين شرمندگي کيم نهن ڏيڻو پيو ۽ هاڻ يقين ڏياريان ٿو ته مستقبل ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪندس.هن چيو ته سمورن ڪرڪيٽرن تي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته پي سي بي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي کين وقتي فائدو ملي سگهي ٿو پر ان جا نتيجا پوري ڪيريئر تي اثرانداز ٿيندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *