هونڊراس ۾ فٽبال شوقينن وچ ۾ جهيڙو ٽي ڄڻا مارجي ويا، ست زخمي

 

لنڊن: (اسپورٽس نيوز) هونڊراس ۾ نيشنل فٽبال چيمپين شپ ميچ دوران مخالف شوقينن جي وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙي سبب 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.زخمين کي مقامي اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. ميڊيا رپورٽ موجب مذڪوره افسوسناڪ واقعو اولمپيا ۽ موٽگووا ڪلبز جي حمايتي شوقينن جي وچ ۾ پيش آيو.اسپتال جي ترجمان جوليتهه موجب 7 ڄڻن کي داخل ڪيو ويو هو جنهن مان 3 فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 4 ڄڻن کي ايمرجنسي ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.جهيڙي جي شروعات موٽگووا جي رانديگرن کي آڻيندڙ بس تي حملي کان پوءِ شروعات ٿي هئي. ڪلب جي صدر پيڊرواينالا موجب 3 رانديگر به زخمي ٿيا آهن. اولمپيا ڪلب جي چيف رافيل ويليڊا جو چوڻ آهي ته پرتشدد واقعا بدقسمتي آهي. ان واقعي کان پوءِ نيشنل فٽبال ليگ جو ميچ به معطل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *