مودي نئين دور جو هٽلر قرار، ڪشمير تي حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظلمن ۾ بي پناهه واڌ ٿي وئي آهي، هٿين خالي ڪشميرين ڀارتي قبضي جي خلاف سخت احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي ڀارتي فورسز گوليون هلايون. هوڏانهن پاڪستان ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ سياستدانن گڏيل طور تي معصوم ڪشميرين تي ظلمن جي سخت مذمت ڪئي آهي.وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مودي نئين دور جو هٽلر آهي، ڪشمير تي حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي، ڀارت ڪشمير جو جغرافيه تبديل ڪرڻ ٿو چاهي، ڪشميري پنهنجي حق جي لاءِ بيٺا آهن. هن چيو ته ڪشمير کي گهيري ۾ آڻ جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ڀارت ڪشميرين جي حق جو آواز طاقت سان دٻائڻ چاهي ٿو، پر اِهو  ڪرفيو وڌيڪ دير نٿو هلي سگهي، والاريل وادي رتو رت آهي، آزادي جي تحريڪ ضرور ڪاميابي ٿيندي. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد به ڪشميرين تي طلمن جي خلاف آواز بلند ڪندي چيو ته ڪشميري ڪرفيو ۾ به نڪري آيا، اڃان ٿورو صبر ڪيو گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، مودي سرڪار جا آخري ڏينهن شروع ٿي ويا آهن، ڪشميرين جي جدوجهد وڌيڪ تيز ٿيندي. مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته اڄ ڪشمير جو ٻار ٻار ڀارتي فوج جي لاءِ برهان واني بڻجي ويو آهي ڪشميري ڪرفيو ۾ به نڪري چئي رهيا آحن ته اسان چاهيون ٿا آزادي، مودي جو اصل چهرو نئين دور جي هٽلر جي طور تي سامهون اچي ويو آهي. پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيئر اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي جيل بڻائي ڇڏيو آهي، مودي سرڪار کي منهن ڀر کائڻي پوندي، وڏي ڏک جي ڳالهه آهي عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ اِهو سڀ ٿيڻ پئي ڏئي، والاريل ڪشمير جي ڪهاڻي ڀارت ڪنهن صورت نٿو دٻائي سگهي، ڀارت غير قانوني قدمن سان ڪجهه حاصل نٿو ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *