اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آرمي ترميمي ايڪٽ ۾ خامين کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي: شاهد خاقان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آرمي ترميمي ايڪٽ ۾ خامين کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آرمي ترميمي ايڪٽ ۾ خاميون حڪومتون پيدا ڪيل آهن، هاڻي جڏهن بل ايوان ۾ پيش ٿيو آهي ته ڪميٽي ۾ خاميون ختم ڪري اُن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته قانونسازي لاءِ بِلز هڪ شخصيت يا حڪومت لاءِ نه، پر سدائين لاءِ ٺهندا آهن، تنهن ڪري ڌيان سان اُن کي پاس ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *