آمريڪي فوج کي واپس وڃڻ جو چيو ويو ته بغداد کي سخت پابندين جو منهن ڏسڻو پوندو: ٽرمپ جي ڌمڪي

واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) امريڪي صدر ٽرمپ ايران کانپوءِ عراق کي ڌمڪي ڏني وئي آهي ته سندن فوج کي واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو ته بغداد کي سخت پابندين جو منهن ڏسڻو پوندو. امريڪي صدر عراقي پارليامينٽ ۾ امريڪا سوڌو پرڏيهي فوج جي نيڪالي لاءِ ٺهراءُ منظور ٿيڻ کانپوءِ بيان ڏنو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي امريڪي صدر ٽرمپ فوج جي نيڪالي بابت چيو ته جيڪڏهن اهڙو جارحاڻو قدم کنيو ويو ۽ عراقي حڪومت ڪجهه ڪيو ته عراق تي وڏيون ۽ ڳريون پابنديون لڳايون وينديون، جنهن لاءِ هو سمجهي ٿو ته نامناسب آهي. عراقي سرڪار غير دوستاڻي طريقي سان امريڪي فوج کي واپس وڃڻ لاءِ چيو ته مٿن اهڙيون پابنديون لڳايون وينديون، جو هُنن پهرين ڪڏهن به نه ڏٺيون هونديون. امريڪي صدر چيو ته عراق ۾ سندن تمام وڏو هوائي اڏو آهي، جنهن جي اڏاوت تي اربين ڊالرز خرچ ٿيا آهن، اسان تيستائين نه ڪرنداسين، جيستائين عراقي اُن جي قيمت ادا نٿا ڪن. واضح رهي ته عراقي پارليامينٽ گذريل ڏينهن امريڪا سوڌو سموري پرڏيهي فوج کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪندي حڪومت کان اُن حوالي سان فوري قدم کڻن جو مطالبو ڪيو هو. عراق جي نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ اهڙي قدم سان کين اندروني ۽ پرڏيهي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو، تڏهن به اهو عراق جي مفادن وٽان هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *